ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪورنگي ۾ مختلف شاهراهن ۽ پبلڪ پلاٽن تي غيرقانوني بچت بازار ۽ چنگچي رڪشا اسٽينڊ قائم ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.عدالتي حڪم باوجود غير قانوني بازار ۽ رڪشا اسٽينڊ نه هٽائڻ تي عدالت پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت پاران مين روڊن ، سروس روڊن ۽ فلاحي پلاٽن تان بچت بازار ۽ رڪشا اسٽينڊ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت آپريشن مڪمل ڪري پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان 28 مئي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته روڊن تي غيرقانوني بچت بازارون ۽ رڪشا اسٽينڊ قائم آهن.چيف جسٽس عقيل احمد عباسي وڌيڪ چيو ته انهن کي هٽايو وڃي، انهن سبب روڊ بلاڪ آهن ۽ ماڻهو پريشان آهن.سرڪاري وڪيل چيو ته ايس ايس پي پاران لکت ۾ جواب اچي ويو آهي ، ڊپٽي ڪمشنر جو جواب اچڻو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته ڊپٽي ڪمشنر پاران جواب داخل ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. درخواستگذار چيو ته مختلف علائقن ۾ غير قانوني بازار ۽ رڪشا اسٽينڊ قائم ڪيا ويا آهن.روڊن رستن تان غير قانوني سرگرميون بند ڪيون وڃن .