ڌاڙيل ثنو شر جي ڌمڪين بعد ڪلپر بگٽين جا وڌيڪ قافلا پهچي ويا، جديد هٿيارن جي نمائش

گهوٽڪي/ اوٻاوڙو رپورٽ:آزاد مهر+ عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي ۾ پنجاب پوليس ۽ ڪلپر بگٽين جي حملي ۾ ڌاڙيل مارجڻ ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس ماڇڪو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌاڙيل ثنو شر جي ڌمڪين  بعد ڪلپر بگٽين جا وڌيڪ قافلا جديد هٿيارن سان پهچي ويا آهن. ماڇڪو ۽ رانوتي ٿاڻي جي حدن ڪچي واري علائقن ۾ گذريل ڏينھن ڏوھارين خلاف  ٽارگيٽ آپرشن ڪيو ويو ھو جنھن ۾ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ سخت مقابلي دوران بدنام زمانا ڏوھاري ثنو شر جو ڀاء، اغوا  ڪيترن سنگين ڏوھن ۾ گھربل ڏوھاري عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويا ھئا ۽ 7 ڏوھاري زخمي ٿي پيا ھا پوليس جي اھڙي ڪاروائي کان پو ء بدنام ڏوارين خلاف  پوليس مقابلي جو ڪيس بدنام ڏوھارين  ثنو شر ۔ راحب شر ۔ راڻو شر ۔ مورو شر سميت 70 سڃاتل جوبدارن ۽ 30 نا معلوم  ڏوھارين خلاف ايس ايڇ او وقاص جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ڌاڙيل ثنو شر چيو ته بگٽي برادري هن حملي کان پري رهي. هن چيو ته سندس پنجاب پوليس سان جهيڙو آهي پر هاڻ ڪلپرن جا ماڻهو اچي ويا آهن، انهن کي چوان ٿو مڙي وڃن، فيصلي ۾ مان ڏوهي ٿيان ته مون کي سزا ڏيو باقي منهنجا ٽي ماڻهو ماريا ويا آهن، انهن جو پلاند ضرور ڪندس. هوڏانهن ڪلپر بگٽين جو چوٿون قافلو پهچي ويو آهي، جديد هٿيارن جي نمائش سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي. هوڏانهن اي ايس پي گهوٽڪي حامد امتياز جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ٻئي صوبي جي هٿياربندن کي گهوٽڪي جي حدن ۾ ڪاروايون ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ٿي ڏيئي سگهجي جيڪڏهن  پنجاب پوليس اهڙو ڪو ڪم ڪري رهي آهي ته ان طرفان ڪوبه آفيشل بيان جاري ناهي ڪيو ويو,گهوٽڪي پوليس جي اهلڪارن گهوٽڪي جي عوام جي تحفظ لاء شهادتون قبول ڪيون پر امن امان تي ڪوبه سودو ناهي ڪيو,سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته موٽروي تي گهوٽڪي جي حدن ۾ ڪلپر بگٽي جي نوجوان جو ڏوهارين هٿان قتل ٿيو هو جنهن ڪري علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي پر گهوٽڪي پوليس ان حوالي سان ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت هر گز نه ڏيندي. هن چيو ته آء جي سنڌ جي هدايتن تي گهوٽڪي جي حدن ۾ موٽروي تي وڌيڪ 50 پڪٽون تعمير ڪيون پيون وڃن جنهن سان امن جي بحالي کي وڏي هٿي ملندي,هڪ سوال جي جواب ۾ اي ايس پي جو چوڻ هو ته ڪابه با اثر شخصيت جي گهوٽڪي پوليس ۾ مداخلت نه آهي ۽ شعور وارو ماڻهو ڪڏنهن به نه چاهيندو ته امن نه هجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.