عدالتي فيصلي تي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت پريشان،عمران جي علاج ۾ رنڊڪون شروع

اسلام آباد( منيب فاروق)عمران خان جي علاج بابت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کان اڳ ئي پي ٽي آءِ وارن جشن ملهائڻ شروع ڪيو،ڪجهه صحافين هفتي کان اهي تجزيا شروع ڪري ڇڏيا هئا ته اسٽيبلشمينٽ جي رويي ۾ نرمي اچي رهي آهي،حالانڪه هيءَ نرمي واري ڳالهه ناهي. سپريم ڪورٽ جي  فيصلي جي  نه اسٽيبلشمينٽ اميد  ڪري رهي هئي، ۽ نه ئي عمران خان جا سياسي مخالف يعني پاڪستان مسلم ليگ نون جي حڪومت،عدالت اندر ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت پوريءَ طرح سان ان جي مخالفت ڪئي. هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو آيو ته ان ۾ ڪو ٽائيم فريم لکيل ئي نه هو. بس اهو لکيل هو ته ٻن ڏينهن اندر عمران خان کي الشفا اسپتال منتقل ڪري  5 ماڻهن جو ميڊيڪل بورڊ بڻايو وڃي.ڪلهه رات قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ هڪ وڊيو بيان جاري ٿيو جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته   قانون جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اٿارٽيز جو اهو خيال آهي ته هي آرڊر قانون جي  حد  اندر ناهي جيڪو ڪنهن به سزا يافته شخص کي جيل قانون جي تحت سهولتون ڏئي سگهجي ٿو.جڏهن ته عدالتي فيصلي  ڪيترن ئي ماڻهن کي حيران  ڪري ڇڏيو آهي ته هي ڇا فيصلو اچي ويو، هي ڇا ٿيو؟” ڪنهن چيو ايڪٽوزم ٿي وئي، ڪنهن چيو  ته هي ڊيل ٿي وئي، اها به خبر هلي  ته جيڪڏهن تحريڪِ انصاف سٺو ورتاءُ ڪندي ته پوءِ ايندڙ اسٽيج تي کين ٻاهر موڪليو ويندو ڪجهه تجزئي نگار چئي رهيا آهن ته  اهي اصل ۾ صوبا بنجڻا آهن، ته هي نون ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي پيغام ڏنو ويو آهي ته سڌا ٿي وڃو، نه ته جيڪڏهن خان کي اسان صحت بنياد تي ٻاهر ڪڍيو آهي ته ايندڙ اسٽيج بني گالا هوندي عمران خان جو جيل ۾ رهڻ هن حڪومت لاءِ ان جي انشورنس پاليسي آهي ته خان جيل ۾ رهي ۽ حڪومت بغير ڪنهن ٽينشن جي هلندي رهي.جڏهن ته ان مفروضي ۾ ڪا به حقيقت ناهي ته بشرى بي بيءَ ڊيل ڪرائي آهي، ٻيو ته اهو تاثر ته عمران خان جيل ۾ هار مڃي ورتي آهي،ان ۾ ڪا سچائي ناهي،جيل ۾ کيس تڪليفون ضرور آهن ڪڏهن هن جي لائٽ بند ٿي ويندي هئي، ڪڏهن ڪهڙي تڪليف هوندي هئي، اڃا به هن جو ٻارن سان ڳالهه نٿي ڪرائي وڃي، جيل ۾ عمران خان جي گهرواري سان به هفتي ۾ هڪ ڀيرو منو ڪلاڪ ملاقات ڪرائي وڃي ٿي. انهن سببن جي ڪري ئي سندس صحت خراب ٿي آهي، عمران خان مضبوط ليڊر آهي، غير انساني رويي باوجود هن آڻ نه مڃي آهي، عمران خان جي حق ۾ هي فيصلو عدليه ڪيو. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ سرپرائز هو، اهي حيران ٿيا. ۽ سڄو ڏينهن گذارڻ کانپوءِ اعظم نذير تارڙ اهو موقف ڏنو ٻئي پاسي حڪومت ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي ملاقات جو عمران خان جي ڪنهن رليف يا آزاد ٿيڻ سان تعلق ناهي.عمران خان کي اصل اين آر او ۽ اصل رليف تڏهن ملندو جڏهن کين ڪنهن نه ڪنهن ڪيس مان باعزت بري ڪيو ويندو. اهو اصل اين آر او هوندو، اهو اصل رليف هوندو جڏهن آزاديءَ جو رستو کلي ويندو،حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ ڪو به سخت پيغام ناهي ڏنو،نون صوبن لاءِ پارليامينٽ مان ترميم ڪرڻ حڪومت لاءِ ڪو به مسئلو ناهي،ٻيو ته ماڻهو عمران خان تي ڳالهيون ڪندا هئا ته عمران خان جيل ۾ 3 مهينا، 3 ڏينهن، 3 ڪلاڪ نٿو ڪڍي سگهي، اڄ 3 سالن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي هو جيل ۾ پيل آهي،عمران خان جو جيڪڏهن خانگي اسپتال مان علاج ٿئي ٿو ۽ پئسا به وارث ڀرين ٿا ته حڪومت کي ڪو به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي،هن معاملي ۾ حڪومت جي ڪوشش اها هوندي ته عدالتي چڪرن ۾ هن معاملي تي دير ڪئي  وڃي،ان سلسلي ۾ حڪومت وٽ جسٽس منصور علي شاهه جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو هڪ مثال موجود آهي.ماضيءَ ۾ به ماڻهن لاءِ رستا  کليا آهن ته عمران خان لاءِ به کلي سگهن ٿا، ڪا وڏي ڳالهه ناهي. پر جيڪڏهن ڪو چئي رهيو آهي ته هينئر ئي ڪجهه ٿي ويو آهي،اهو وقت اڃا ناهي آيو

You might also like