ليگي اڳواڻن کي اسٽيبلشمينٽ سان پي ٽي آءِ جي ڊيل جي ڳڻتي ورائي وئي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزيرن جي بيانن تي تبصرو ڪندي صحافي ۽ تجزيه نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ حڪومت ۾ شامل ڪجهه ماڻهن ۾ بظاهر اها سوچ موجود آهي ته عمران خان کي ڏنل رليف ڪنهن مبينا ڊيل جو نتيجو آهي.بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن کي شايد اهو خدشو ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان اهڙي ئي ڪا ڊيل ٿي آهي، جهڙي ڊيل نواز شريف جي صحت ۽ سندس پرڏيهه منتقلي بابت تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ ٿي هئي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيل وفاقي وزيرن جا بيان به هڪ ٻئي سان نٿا ملن.حامد مير موجب جيڪي وفاقي وزير وزيراعظم شهباز شريف جا هم خيال آهن، بظاهر انهن کي عدالتي حڪم نامي تي ڪو مسئلو ناهي. جڏهن ته جيڪي وفاقي وزير ۽ اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا هم خيال آهن، بظاهر اهي عدالتي فيصلي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪري رهيا هئا.حامد مير جو چوڻ هو ته نواز شريف، جيڪو نيب جي هڪ ڪيس ۾ سزا يافته هو، ان کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ هو لنڊن جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو هو، پر هاڻي قانون واري وزير ۽ حڪومت جو موقف سامهون آيو آهي ته قانون موجب ڪنهن به سزا يافته قيدي جو علاج ملڪ اندر موجود سرڪاري اسپتال ۾ ئي ٿيڻ گهرجي.ٻئي طرف تجزيه نگار مظھر عباس جو چوڻ آهي ته کيس نٿو لڳي ته سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي فيصلي جي نتيجي ۾ حڪومت تي ڪو دٻاءُ پوندو. تنهن هوندي به سندس چوڻ هو ته بظاهر اهو فيصلو سامهون اچڻ کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ ن هڪ سياسي جماعت طور ضرور مونجهاري جو شڪار آهي.هن چيو ته هن معاملي ۾ عالمي دٻاءُ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته عمران خان ملڪ جي هڪ وڏي سياسي جماعت جو سربراهه آهي ۽ عالمي اڳواڻ پاڪستاني قيادت سان ملاقاتن دوران اهو معاملو ضرور اٿاريندا هوندا ته عمران خان کي ٽن سالن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي ۽ سندس خاندان ۽ پارٽي اڳواڻن کي پڻ سندس حوالي سان خدشا آهن.مظھر عباس جو چوڻ آهي ته روايتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ افواهن جي ابتڙ، کيس نٿو لڳي ته هن معاملي ۾ پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ڊيل ٿي آهي ۽ نه ئي حڪومت خلاف ڪا سازش تيار ٿي رهي آهي.هن چيو ته بظاهر اهو هڪ عارضي ۽ وقتي ريليف آهي، ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن به اهم شخصيت کي هن نوعيت جو ريليف ملي ٿو ته ان بابت مختلف رايا قائم ٿي ويندا آهن.

You might also like