لاهور(امداد سومرو) بلاول ڀٽو زرداري نون صوبن،ملڪي سياسي معاملن ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي حوالي سان هڪ اڌ ڏينهن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجو پاليسي خطاب ڪندو، ان کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي پاليسي اچي ويندي، عدالت مان عمران خان کي مليل رليف تي مسلم ليگ ن اندر ٿرٿلو متل آهي،پيپلز پارٽيءَ وارا به، حيران اهن،انهن جو به هي سوال هو ته "ڇا هي صرف عدالتي فيصلو آهي يا ان جي پويان ڪجهه ٻيو آهي؟” ڇو ته پيپلز پارٽيءَ وارا ان معاملي ۾ تمام واضح آهن ته اسان کي جيترو سرينڊر ڪرڻو هو، ڪري چڪا هئاسين ڪري چڪا آهيون، ان کان وڌيڪ ڪيڏانهن وينداسين؟پر موجوده صورتحال تي مسلم ليگ ن ڊڄي وئي آهي،ان جو هڪ سسب اهو به آهي ته مسلم ليگ ن جو سربراهه ميان نوازشريف به اهڙيءَ طرح جيل ويندو هو، جلاوطن ٿي ويندو هو پوءِ معاملا طئي ٿيڻ تي واپس اچي وزيراعظم ٿي ويندو هو، مسلم ليگ ن جو ئي اڳواڻ خواجه سعد رفيق عدالتي فيصلي تي چئي رهيو آهي ته هي حبس جي موسم ۾ ٿڌي هوا جو جھونڪو آهي، عدليه پنهنجي ساک بحال ڪئي آهي پر ان جي ابتڙ ٻيو خواجا،خواجه آصف ٽوئيٽ ڪري ٿو ته تحريڪِ انصاف پنهنجي قائد کي اين آر او ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ نئين بلندين کي ڇهي رهي آهي،قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ هن معاملي تي قانون جون الڳ تشريحون کڻي ويٺل آهي،جڏهن ته ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ حامي اينڪر ۽ يوٽيوبر خبرون ڏئي رهيا آهن ته اسٽيلشمينٽ 18هين ترميم ختم ڪرڻ چاهي ٿي، اين ايف سي ۾ به صوبن جو حصو گهٽائي وفاق جو حصو وڌائڻ ۽ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو پلان تيار ڪري ويٺي آهي، جيستائين صوبن جي ڳالهه آهي ته جيستائين ڪنهن به صوبي جي اسيمبلي ٻه-ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پنهنجي صوبي جي حدن ۾ ترميم يا تبديليءَ جي اجازت نٿي ڏئي، تيستائين وفاق وٽ هي اختيار ناهي ته هو ان جي اندر ڪو انتظامي يونٽ ٺاهي يا نوان صوبا ٺاهي،باخبر ماڻهو رپورٽ ڪري رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ صدر زرداري تي تپيل آهي،اها سندس مواخذي جو سوچي رهي آهي،ان ڪري پي ٽي آءِ سان گڏجي اهو ڪم ٿي سگهي ٿو،سهيل وڙائچ به آرٽيڪل لکيو هو ته اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته پيپلز پارٽي تمام گهڻو تنگ ڪري رهي آهي، ته انهن مان ڪنهن طريقي سان جند ڇڏائي وڃي،ان ڪري پي ٽي آءِ تي هٿ هلڪو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مسلم ليگ نون شروع شروع ۾ چوندي هئي ته صوبا ٺاهڻ ۾ ڪو حرج ناهي، ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي به هئڻ کپي، اين ايف سيءَ جي معاملي تي به مسلم ليگ نون بالڪل واضح پنهنجو موقف رکيو صوبن جو حصو گهٽ هئڻ کپي.وفاقي وزير رانا تنوير، رانا ثناءُ الله ، احسن اقبال جا ميڊيا ۾ آيل موقف واضح آهن جڏهن ته 18هين ترميم بابت به مسلم ليگ نون جو موقف رهيو آهي ته صوبن کي گهڻو ڏنو ويو آهي، صوبن جا اختيار گهٽ ٿيڻ گهرجن،انهن معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ، عمران خان ۽ مسلم ليگ نون جي وچ ۾. هم آهنگي نظر اچي رهي آهي، نون صوبن جي معاملي تي مسلم ليگ نون مزاحمت بدران اهو سوچي رهي آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ئي جڏهن ٽڪر هڻڻو آهي ته پوءِ اسان پنهنجو مٿو ڇو ڦاڙهايون؟ نون صوبن جو معاملو پيپلز پارٽي ئي روڪي سگهي ٿي، ته اسان ڇو اسٽيبلشمينٽ سان بگاڙيون؟ اها مسلم ليگ ن جي پاليسي آهي.