حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم، ججن وارو آئيني پئڪيج رولڙي ۾

اسلام آباد(اعزاز سيد+حسنات ملڪ+معظم فخر+عاصمه شيرازي) سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي ن ليگ، پ پ،ايم  ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ کي الاٽ 77 مخصوص سيٽن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي،سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 23 مخصوص سيٽون متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، جسٽس اطهر من الله اليڪشن ڪميشن کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته جڏهن توهان سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي طور رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو ته پوءِ ان کي مخصوص سيٽن کان محروم ڪرڻ عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي،جسٽس منصور علي شاهه به بار بار چيو ته اسان لاءِ پارٽي اهم ناهي، اسان لاءِ عوام جو ووٽ اهميت رکي ٿو،هن به اليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته جيڪي سيٽون حڪمران اتحاد جو حق نه هيون اهي ڪهڙي بنياد تي انهن کي الاٽ ڪيون ويون؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل وٽ ڪو به موثر جواب نه هو، جسٽس محمد علي مظهر به سوال اٿاريو ته توهان 23 سيٽون حڪمران اتحاد کي ڏنيون ته ان لاءِ ڪو قانوني جواز ته هئڻ گهرجي،قانون سازي ٿيڻ گهرجي،ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو جڊيشل پئڪيج آڻيندڙ حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جو سلسلو ملتوي ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم به نه چاهي رهي هئي ته مخصوص سيٽون ”مال غنيمت“ طور حڪمران اتحاد کي الاٽ ڪيون وڃن،سپريم ڪوٽ ان فيصلي سان اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي پيغام موڪلي ڇڏيو،پي ٽي آءِ ۽ ججن جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڇڪتاڻ هلي رهي آهي،پي ٽي آءِ لاءِ خوشي  جي خبر اها آهي ته پارليامينٽ ۾ حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت وڃائي چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ نه ڪري سگهندي،آرٽيڪل 51 اي جي تشريح طلب ڪئي وئي آهي،آئيني پئڪيج ۽ چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ وارو پئڪيج رولڙي ۾ پئجي ويو آهي،جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن تي معاملو ڊگهو هلڻ جو امڪان آهي. حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججز جي عمر بابت قانون ۾ ترميم جو اشارو ڏنو هو ته سڀني ججز جي رٽائرمنٽ جي عمر 68 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان حڪمران اتحاد اڪثريت کان محروم ٿي ويو آهي، ان لاءِ اهو آئيني ترميم نه ڪري سگهندو.

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين حوالي ڪرڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ  معاملو ججز ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين حوالي ڪرڻ بابت ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت لارجر بينچ جوڙڻ جي درخواست ڪئي. وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان موقف اختيار ڪيو ته اپيلون لارجر بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي پر عدالت بينچ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيو. مخصوص سيٽن تي نامزد عورت اسيمبلي ميمبرن به بينچ تي اعتراض ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقيءَ عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ڪامياب اميدوارن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ست اميدوار اڃا تائين آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبليءَ جو حصو آهن؟. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي؟. وڪيل فيصل صديقي چيو ته تحريڪ انصاف هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي رڳو اليڪشن ۾ حصو نه ورتو. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته آزاد ميمبرن کي ڪيترن ڏينهن ۾ ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار هوندو آهي؟، جنهن تي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن کي ٽن ڏينهن ۾ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو هوندو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊ نشان نه ملڻ تي سياسي پارٽي اليڪشن نٿي وڙهي سگهي؟. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هو هي سوال کڻي اليڪشن کان اڳ عدالت ويا هئا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته هڪ ڳالهه ته طئي آهي جنهن پارٽي جا جيترا نمائندا آهن اوتريون ئي مخصوص سيٽون ملنديون. جسٽس منصور علي شاهه پڇيو ته سياسي پارٽي کي ڇا پنهنجي کٽيل سيٽن موجب مخصوص سيٽون ملنديون يا وڌيڪ به ملي سگهن ٿيون؟ وڪيل فيصل صديقي جواب ڏيندي چيو ته ڪا به سياسي پارٽي پنهنجي تناسب کان وڌيڪ سيٽون نٿي کڻي سگهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته بچيل سيٽيون انهن ئي سياسي جماعتن ۾ ورهايون وينديون؟ جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي عوامي مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي آهي، اصل مسئلو پبلڪ مينڊيٽ جو آهي. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊ نشان نه ملڻ تي اِها سياسي پارٽي اليڪشن نٿي وڙهي سگهي؟ وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اِهو ئي سوال کڻي اليڪشن کان اڳ عدالت ويو هئس. سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين حوالي ڪرڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽي جون کان ڪيس جي روزاني بنيادن تي ٻڌڻي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.