لاهور (امداد سومرو)اقتدار جي ايوانن ۾ هنن ڏينهن دوران اهڙي بيچيني ۽ بي يقينيءَ جو زهريلو دونهون پکڙيل آهي، جيڪو ڪنهن وڏي طوفان جو اڳواٽ نياپو محسوس ٿئي ٿو. افواهن جي بازار ايترو گرم آهي، جو سياسي منظرنامي جون صورتون هر گهڙي پنهنجو رنگ بدلائي رهيون آهن. ڪٿي اڊيالا جيل کان اسپتال تائين رستو هموار ڪرڻ لاءِ عدالتي ڪوششون ٿي رهيون آهن، ته ڪٿي حڪومتي حلقن جي ماٺ ۽ گهٻراهٽ هڪ نئين ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي. اقتدار واري شهر ۾ هر زبان تي هڪ ئي سوال گردش ڪري رهيو آهي: ڇا واقعي پردي پٺيان ڪا ”وڏي ڊيل“ ڪر کڻي رهي آهي يا سياسي ميدان تي وڇايل اهي چالون آهن، جن جو مقصد رڳو وقت حاصل ڪرڻ آهي؟ ڇا تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي ورجائڻ جي تياري ڪري رهي آهي؟
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو هڪ آزمايل نسخو رهيو آهي ته جيل مان اسپتال منتقل ٿيڻ اڪثر سياسي ڇوٽڪاري ڏانهن پهريون باقاعده قدم ثابت ٿيندو آهي. اڄ جڏهن پي ٽي آءِ جي باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ جا عدالتي حڪم ۽ حڪومت جي مزاحمت سامهون اچي رهي آهي، ته ذهن فوراً 2019ع جي انهن واقعن ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ميان نواز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد هو. ان وقت مريم اورنگزيب جون روزاني پريس ڪانفرنسون ۽ ڊاڪٽر عدنان جون طبي رپورٽون هڪ خاص بيانيو جوڙي رهيون هيون. ان ڊرامائي صورتحال ۾ دلچسپ موڙ تڏهن آيو، جڏهن مولانا فضل الرحمان ڪراچي کان اسلام آباد ڏانهن آزادي مارچ شروع ڪيو ۽ ساڳئي وقت ميان صاحب کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. آخرڪار هڪ رپئي جي حلف نامي تي چئن هفتن لاءِ لنڊن ويندڙ نواز شريف چئن سالن کانپوءِ واپس آيو.
مسلم ليگ ن جي حلقن ۾ اها ڳڻتي عام آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي بلڪل ساڳئي نموني ڇوٽڪارو ملي رهيو آهي، جيئن نواز شريف کي مليو هو. اهي ئي اوچتو بيماريءَ جون خبرون، ساڳيءَ ريت طبي بورڊ جي جوڙجڪ ۽ اهڙو ئي ماحول تيار ڪرڻ. تاريخ جو جبر ڏسو ته نواز شريف کي جيڪي چار هفتا مليا هئا، اهي چار سالن تائين ڊگها ٿي ويا ۽ هاڻي ن ليگ کي عمران خان بابت به ساڳيو خدشو کائي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو جو حيران ڪندڙ پاسو
سياسي گرمي ان وقت چوٽيءَ تي پهچي وئي، جڏهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو ۽ جارحاڻو رخ اختيار ڪيو. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب کان اڳ سندس مخالف ڌر جي چيمبر ۾ وڃڻ ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي کليل حمايت ن ليگ لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ نه هئي.
بلاول جو پنهنجن سمورن پارلياماني ميمبرن کي اسلام آباد گهرائڻ رڳو روايتي قدم نه، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ٻنهي کي پنهنجا پتا ڏيکارڻ برابر آهي. سندس اهو رويو واضح ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڪنهن نئين فارمولي تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي به مخالف ڌر سان هٿ ملائي سياسي ميدان جو پاسو پلٽي سگهي ٿي.
مسلم ليگ ن جو خوف ۽ ماضيءَ جو پاڇو
مسلم ليگ ن هن وقت اهڙي وجودي خوف ۾ ورتل آهي، جنهن جو اعتراف سينيئر صحافي حامد مير به پنهنجي تازي مضمون ۾ ڪيو آهي. ن ليگ جا ڪيترائي قدآور اڳواڻ ”لٿل منهن“ سان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا اسٽيبلشمينٽ انهن سان به ساڳي راند کيڏڻ وڃي رهي آهي، جيڪا ڏهاڪن کان هن ملڪ جي سياست جو حصو رهي آهي؟ مطلب”هڪ کي اندر ڪر ۽ ٻئي کي اقتدار ۾ آڻ“.
ن ليگ کي ڊپ آهي ته پنهنجو سياسي سرمايو داءَ تي لڳائي جنهن ”گند جي ٽوڪري“ کڻڻ تي هنن راضپو ڏنو هو، هاڻي ان کي سنڀالڻ لاءِ ڪو نئون بندوبست ڪيو پيو وڃي. کين خدشو آهي ته اسٽيبلشمينٽ هاڻي سندن متبادل ڳولي ورتو آهي ۽ کين هڪ ڀيرو ٻيهر استعمال ڪري اڪيلو ڇڏي ڏنو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو اهو بيان ته ”نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ڊهي پيو آهي“، سياسي حلقن ۾ ڪنهن ايٽمي ڌماڪي کان گهٽ نه سمجهيو ويو. جڏهن حڪومت جو پنهنجو اهم وزير، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو ويجهو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، اهڙي ڳالهه ڪري ته ان جا گهرا مطلب هوندا آهن.
ستم ظريفي اها آهي ته هڪ پاسي نقوي صاحب نظام جي ناڪاميءَ جو ماتم ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف کين ”تمغه امتياز“ سان نوازيو پيو وڃي. ن ليگ هن تضاد کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي ۽ ان کي ڪنهن نئين غير سياسي بندوبست جي شروعات سمجهي رهي آهي.
ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي گونج ۽ اين ايف سي ايوارڊ بابت پيپلزپارٽي جي ”ريڊ لائين“ صورتحال کي وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جو اصرار آهي ته اها 18هين ترميم ۽ صوبن جي مالي حصي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي.
هن ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ هاڻي ”مڪاني حڪومتن“ جي مضبوط نظام کي وچئين واٽ طور ڏٺو پيو وڃي. جيڪڏهن صوبائي اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي ته مالي وسيلا سڌو سنئون بلدياتي ادارن تائين پهچائي صوبن جي گرفت ڪمزور ڪري سگهجي ٿي، جيڪو صدارتي نظام ڏانهن وڃڻ کان اڳ هڪ ممڪن آزمائش ٿي سگهي ٿي.