اسلام آباد (نجم سيٺي(سياسي ٻولي ۾ ’ڊيل‘ جو لفظ اڪثر ناڪاري معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي، تنهنڪري ٻئي ڌريون ان لفظ کان پاسو ڪري رهيون آهن. هي ڪا روايتي ڊيل نه، پر هڪ ’بندوبست‘ آهي، جنهن جون ڪڙيون ملڪ جي وسيع سياسي ڍانچي سان ڳنڍيل آهن. حڪومت کي هن وقت پارليامينٽ ۾ هڪ اهم آئيني ترميم لاءِ پي ٽي آءِ جي سهڪار جي ضرورت آهي، جيڪا نون صوبن جي قيام يا مڪاني حڪومتن بابت نون قانونن سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي.
هن پردي پٺيان ٿيل ٺاهه جو هڪ اهم پاسو اهو پڻ آهي ته پي ٽي آءِ 16 سيپٽمبر تائين پنهنجو ’لانگ مارچ‘ ملتوي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، ته جيئن معاملن کي ڪنهن منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي. ٻئي ڌريون ان کي ڊيل چوڻ نٿيون چاهين، ڇاڪاڻ ته ’ڊيل‘ لفظ مان اهو تاثر ملي ٿو ته ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي يا ڪو ماڻهو ننڍو يا ”شارٽ ڪٽ“ رستو اختيار ڪري رهيو آهي.
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اسپتال هميشه بااختيار ڌرين ۽ قيد سياسي اڳواڻن وچ ۾ هڪ ’پل‘ جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. اهو اهڙو هنڌ آهي، جتي جيل جا سخت ضابطا نرم ٿي وڃن ٿا ۽ لڪل ملاقاتن لاءِ سازگار ماحول ملي ٿو.
تنهن هوندي به عمران خان کي شفا انٽرنيشنل منتقل ڪرڻ واري معاملي تي اڃا تائين ’طبي بورڊ‘ جي جوڙجڪ بابت ڇڪتاڻ جاري آهي. تڪرار ان ڳالهه تي آهي ته بورڊ ۾ خان صاحب جي پسند جا ڊاڪٽر شامل هوندا يا حڪومت پاران نامزد ڪيل ڊاڪٽر. اها دير اصل ۾ شرطون طئي ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.
عمران خان جي صحت بابت دعوائن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪ پاسي سندس وڪيل ساڄي اک جي نظر 80 سيڪڙو تائين ختم ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن، ته ٻئي پاسي طبي رپورٽن موجب سندس نظر ’6 باءِ 6‘ مطلب بلڪل درست آهي. انهن رپورٽن موجب اصل مسئلا رت جو دٻاءُ ۽ پريشاني (Anxiety) آهن، جيڪي ڪنهن به قيدي کي ٿي سگهن ٿا. صحت جا اهي مسئلا اصل ۾ اهي ’دروازا‘ آهن، جن کي استعمال ڪري سياسي ٺاهن لاءِ رستو هموار ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان هن وقت سخت عالمي دٻاءَ هيٺ آهي. عالمي شهرت رکندڙ ڪرڪيٽرن، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن عمران خان سان ٿيندڙ ورتاءَ بابت سخت سوال اٿاريا آهن. حڪومت پنهنجي عالمي ساک بچائڻ ۽ پاڻ کي هڪ ’جمهوري قوت‘ طور مڃرائڻ لاءِ اهي ’ننڍا قدم‘ کڻڻ تي مجبور ٿي آهي. خان صاحب کي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ يا اسپتال منتقل ڪرڻ به ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي، ته جيئن عالمي برادري کي ماٺ ڪرائي سگهجي.
پاڪستان هن وقت هڪ وڏي سفارتي مهم ۾ پڻ مصروف آهي، جتي هو قطر سان گڏجي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وچٿري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جون ۾ ٿيل ’ايم او يو‘ (MOU) هاڻي پنهنجي مُدي جي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي ۽ پاڪستان ان کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. عالمي سطح تي پنهنجي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ ملڪ اندر جا حال ’پرسڪون‘ هجڻ ضروري آهن.
ان کانسواءِ معاشي محاذ تي حڪومت کي آمريڪا کان 10 ارب ڊالر ۽ سعودي عرب کان 5 ارب ڊالر جي اميد آهي. ايتري وڏي سيڙپڪاري تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ملڪ ۾ سياسي پائيداري نظر اچي. ان ڪري حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان کي ڪجهه ’ڇوٽ‘ ڏئي سياسي گرمي پد گهٽايو وڃي.
هاڻوڪي صورتحال کي رڳو هڪ قيدي جي اسپتال منتقلي سمجهڻ سادگي ٿيندي. اصل ۾ اها ’فيلڊ مارشل‘ ۽ ’مقبول اڳواڻ‘ وچ ۾ جاري ان تلخ دشمني ۽ ذاتي رقابت ۾ عارضي وقفو آڻڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڊي جي آءِ ايس آءِ جي تبديلي کان شروع ٿي هئي.