ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاران منعقد ڪيل گول ميز اجلاس ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل صحافين، ايڊيٽرن، ڊجيٽل ميڊيا سان لاڳاپيل ماهرن، فنڪارن، تعليمي ماهرن ۽ انساني حقن جي محافظن اتفاق ڪيو ته اظهارِ راءِ جي آزادي خلاف وڌندڙ حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وسيع قومي اتحاد قائم ڪيو وڃي. يورپي يونين جي سهڪار سان منعقد ڪيل هن گول ميز اجلاس ۾ ميڊيا جي اهم ماهرن ۽ انساني حقن جي وڪيلن شرڪت ڪئي، جن ۾ ناصر زيدي، اظهر عباس، وسعت الله خان، حسين نقي، سليمه هاشمي، ضرار کهڙو، سهيل سانگي، ڊاڪٽر توصيف احمد، عنبر رحيم شمسي، فرزانه علي، اويس توحيد، شهزاد جيلاني، شهزاده ذوالفقار، منازه صديقي، عامر سهيل، مهمل سرفراز، اڪبر نوٽيزائي، اسد طور، ابصا ڪومل، فاضل جميلي، وقاص عالم، رستم علي، عدنان رحمت، فرح ضياءَ، حارث خليق ۽ ايڇ آر سي پي جو چيئرپرسن اسد اقبال بٽ شامل هئا. شرڪت ڪندڙن خبردار ڪيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران اظهارِ راءِ جي آزادي جي حوالي سان بدترين بحرانن مان هڪ کي منهن ڏئي رهيو آهي. هنن پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (PECA) جهڙن قانونن جي بي لغام غلط استعمال، وڌندڙ سينسرشپ، نگراني، آن لائن اظهارِ راءِ تي بي انتها پابندين، معلومات تائين محدود ٿيندڙ رسائي، صحافين کي ڌمڪائڻ ۽ آزاد، علائقائي ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي وڌندڙ دٻاءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. خاص طور تي هنن زور ڏنو ته اهي پابنديون هاڻي صرف صحافين تائين محدود نه رهيون آهن، پر عام شهرين کي به متاثر ڪري رهيون آهن، جيڪي اظهارِ راءِ جي پنهنجي آئيني حق کي استعمال ڪن ٿا. تجويز ڪيل اتحاد ۾ صحافين جون يونينون، پريس ڪلب، فري لانس ۽ ڊجيٽل صحافي، وڪيل، فنڪار، سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ ٻيا جمهوري ڌريون شامل هونديون. ان اتحاد جو مقصد پاڪستان ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي جي دفاع لاءِ گڏيل وڪالت، حڪمتِ عملي تحت قانوني ڪارروائي، دستاويزڪاري، هنگامي ردِعمل جا نظام ۽ عوامي متحرڪ ڪرڻ جون سرگرميون منظم ڪرڻ هوندو. شرڪت ڪندڙن سڌارن جي هڪ گڏيل ايجنڊا تي پڻ اتفاق ڪيو. هنن اهڙن قانونن، ضابطن ۽ انتظامي قدمن کي ختم يا ترميم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪي اختلافِ راءِ کي ڏوهه بڻائين، آن لائن اظهارِ راءِ کي محدود ڪن يا سينسرشپ کي ممڪن بڻائين. هنن صحافين خلاف حملن، جبري گمشدگين، قتلن، ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ بي سزا رهڻ واري روش ختم ڪرڻ ۽ سياسي، تجارتي ۽ ادارتي مداخلت کان ايڊيٽوريل آزادي جي تحفظ لاءِ وڌيڪ مضبوط ضمانتن جو پڻ مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ عورت صحافين لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ برابري وارا ماحول پيدا ڪرڻ ۽ فري لانس ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان لاڳاپيل ماهرن کي پڻ برابر تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن صحافين جي يونينن، انجمنن ۽ پريس ڪلبن تي زور ڏنو ته اهي قانوني مدد، گڏيل نمائندگي ۽ هنگامي حفاظتي سهڪار فراهم ڪري پنهنجي ڪردار کي جديد بڻائين. ساڳئي وقت، ميڊيا ادارن کان مطالبو ڪيو ويو ته مناسب اجرت، لکت ۾ معاهدا، انشورنس ۽ محفوظ ڪم جون حالتون يقيني بڻايون وڃن. پاڪستان جي تنوع کي نظر ۾ رکندي، شرڪت ڪندڙن زور ڏنو ته اظهارِ راءِ جي آزادي جي دفاع لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ سمورن صوبن ۽ علائقن جي الڳ الڳ حقيقتن کي نظر ۾ رکيو وڃي، ته جيئن علائقائي آواز ۽ شهري سماجي جڳهيون پڻ برابري جي بنياد تي محفوظ رهي سگهن.