لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ميرا جي پنهنجي گهرو ملازمه سان گڏ هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي هڪ ٻئي سان وڙهندي ڏسي سگهجي ٿو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ مبينا طور تي اداڪارا ميرا کي پنهنجي گهرو ملازمه سان ڏند چڪ کانپوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
وائرل وڊيو ۾ ميرا پنهنجي ملازمه سان ڳالهائيندي نظر اچي ٿي، جڏهن ته ٿوري ئي دير کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وڃي ٿي ۽ ٻئي هٿين پئجي وڃن ٿيون.
اداڪارا ميرا جي گهرو ملازمه هڪ انٽرويو ۾ الزام لڳايو ته اداڪارا کيس ڪيترائي ڀيرا تشدد جو نشانو بڻايو آهي.
ملازمه دعويٰ ڪئي ته سندس چهري سميت جسم جي مختلف حصن تي ڌڪ رسيا آهن.
ملازمه ميرا جي ذهني حالت تي به سوال اٿاريندي چيو ته هوءَ نارمل نه آهي.
ٻئي پاسي ميرا جي گهرو ملازمه ياسمين جي هڪ ٻي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي.
هن وڊيو ۾ ياسمين پنهنجي پهرئين بيان کان مختلف موقف اختيار ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس اڳوڻي وڊيو هٿرادو اَي آءِ (هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي) ذريعي ٺاهي وئي هئي، ميرا ڏاڍي ڀلي آهي ۽ هوءَ اڃا تائين وٽس ئي ڪم ڪري پئي.
واضح رهي ته ميرا ان کان اڳ به مختلف نوعيت جي وڊيوز ۽ بيانن سبب خبرن ۾ رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه سال اڳ هڪ ٽي وي چينل تي ميڪ اپ آرٽسٽ کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي ۾ پڻ سندس نالو خبرن ۾ آيو هو.
ميرا ماريو آ کان ميرا ڀلي آهي تائين“اداڪارا تي تشدد جو الزام لڳائيندڙ نوڪرياڻي پنهنجي بيان تان ڦري وئي
You might also like