ڪراچي (رپورٽر) ٿر جي ڪوئلو جي گئسفڪيشن جي ٿر جي ڪوئلو کي ڏکڻ آفريقا جي ماهرن موجب گئسيفڪيشن لاءِ انتهائي بهتر قرار ڏنو ويو آهي، ڪوئلي مان ڀاڻ، گيس ۽ ڊيزل حاصل ڪري سگهجي ٿو ، جنهن بعد سنڌ حڪومت طرفان وفاق سان ٿر جي گئسفڪيشن جي سلسلي ۾ صوبائي پاليسي جوڙڻ جي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ ۽ گئسفڪيشن جو عمل معاشي ۽ واپاري بنيادن تي بهتر آهي يا نه، ان لاءِ تحقيقاتي دوري لاءِ سنڌ ڪول اٿارٽي جي ماهر آفيسرن تي مشتمل هڪ وفد کي چين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ڪالهه سنڌ جي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي جو اعليٰ سطحي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو . اجلاس ۾ ٿرڪول بلاڪ 2 جي ڪوئلي جونمونو جي ڏکڻ آفريڪا کان حاصل ڪيل رپورٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ توانائي کاتي جو سيڪريٽري ڪاظم علي جتوئي، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪول اٿارٽي حق نواز شر، ڊپٽي ڊائريڪٽر آصف منگي ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي جي صوبائي وزيرڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ آفريقا جي ماهرن موجب ڪوئلي کي گئسيفڪيشن لاءِ انتهائي بهتر قرار ڏنو ويو آهي، ڪوئلي مان ڀاڻ، گيس ۽ ڊيزل حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلوگئسفڪيشن جي حوالي سان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته توانائي کاتي سنڌ ڪول اٿارٽي جي ماهر آفيسرن تي مشتمل هڪ وفد کي چين موڪليو ويندو. سنڌ ڪول اٿارٽي جو وفد چائنا جي جديد گئسفڪيشن متعلق پلانٽ جو جائزو وٺندو ته گيس جي بناوٽ جو عمل معاشي ۽ واپاري بنيادن تي بهتر آهي يا نه. هن وڌيڪ چيو ته وفد ٽيڪنالوجي جي منتقلي جي حوالي سان به تفصيلي جائزو وٺندو، اجلاس ۾ گئسفڪيشن جي صوبائي سطح تي به پاليسي بڻائڻ جي گذريل اجلاس ۾ فيصلي تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گيس جي بناوٽ جي صوبائي سطح تي پاليسي جي حوالي سان توانائي کاتي وارو صوبائي وزير ناصر شاهه درپيش مسئلن تي وفاق سان رابطو ڪندو. ان موقعي تي توانائي کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم علي جتوئي ۽ ڊي جي سنڌ ڪول اٿارٽي حق نواز شر اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.