سانگهڙ ( رپورٽ: محمد حسين بلوچ ) سانگهڙ ورڪشاپ ويجھو چڪ واسي پيرسن البھچايو مگسي پنھنجي اوطاق تي ستل ھو صبح جو سندس وارثن لاش کٽ تي پيل ڏسي منگلي پوليس کي اطلاع ڏنو، منگلي پوليس جاءِ واردات پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس ۽ وارثن موجب پنهنجي ئي ويجھي عزيزن سؤٽن سان ھڪ سال اڳ پراڻي دشمنيءَ تان ٻه ڄڻا مارجي ويا ھئا، جنھن جو الزام البھچايو مگسي ۽ سندس پٽن مٿان ھو، جنهن جي پلاند ۾ پيرسن کي قتل ڪيو ويو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي پاسي مقتول پيرسن جا چار پٽ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جيل ۾ پڻ قيد آھن .