اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ سان بامقصد ڳالهين جو ماحول بڻجي ٿو ته ڀليڪار چونداسين.جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڃان تائين حڪومت جي خلاف گرينڊ الائنس جي ڪابه تجويز سامهون نه آئي آهي، اسان 9 مئي تي پشاور ۾ ملين مارچ ڪنداسين.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جو هڪ رخ قانوني جڏهن ته ٻيو رخ سياسي به آهي. اسان جي پي ٽي آءِ وفد سان ملاقات ٿي آهي. بامقصد ڳالهين جو ڪوبه ماحول بڻجو ته اسان ڀليڪار چونداسين.مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ عوامي نمائندگي نظر نه پئي اچي. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي نظام قائم ٿئي.