اوٻاوڙو/رانوتي (عبدالحئي ڇڄڻ+برڪت علي گھنڃو) رانوتي ڪچي واري علائقي ۾ گهوٽڪي پوليس پنجاب ماڇڪو پوليس جو گڏيل مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي، بدنام ڌاڙيل سنوشر جي ٽولي خلاف رانوتي ڪچي م ڪارروائي ڪري آپريشن شروع ڪري ڇڏيو پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڏوھاري مارجي وڃڻ جا اطلاع ھڪ هٿياربند بدنام ڏوهاري ثناءَ الله عرف سنوشر جي ڀاءَ عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويا، جڏهن ته 7 کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن، مارجي ويل ڏوهاري عالم شر حاڪم شر جا لاش ڏوهارين جي قبضي هيٺ آهن، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي فائرنگ سبب علائقي م خوف واري صورتحال ڇانيل آهي، ھوڏانھن رائونتي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڏوهارين خلاف پنجاب ماڇڪو پوليس ۽ گهوٽڪي پوليس گڏيل طور تي آپريشن ڪري رهي آهي، پوليس جي فائرنگ ۾2 ڏوهاري عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويا آهن ۽ 7 کان وڌيڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيا آھن، جنھن ۾مٺو عرف قري شر زخمين ۾ شامل آهي، وڌيڪ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو