ڪراچي جون حالتون هاڻي بهتر آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو آهي ته ڪراچي شهر اڳ ئي خونريزي جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪو آهي. اسان جي شهرين، سياسي ڪارڪنن، پوليس، رينجرز ۽ فوج جي جوانن ڪراچي کي پرامن بڻائڻ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. ان ڪري شهر جو امن اسان لاءِ تمام ضروري آهي.  هن  اها ڳالهه ڪالهه آچر ڏينهن تي لياري جي ڪڪري گرائونڊ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جاويد ناگوري جي ننڍي ڀاءُ شهيد اڪبر ناگوري جي ورسي جي موقعي تي تعزيتي پروگرام کي خطاب ڪندي چئي . ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني، قومي اسيمبلي ميمبرن، نبيل گبول، قادر پٽيل، سينيٽر مسرور احسن، ايم پي اي آصف خان، پارٽي ڪارڪنن ۽ لياري جي عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اڳ به شهر ۾ امن امان بحال ڪيو هو ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي چيلنج کي موثر نموني سان منهن ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 5 مئي 2015ع ۾ اسان جي ڪارڪن جيالي اڪبر ناگوري کي دھشت گردن حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ھدايت ڪئي آھي ته لياري جي عوام کي صحت، تعليم، پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون فراهم ڪيو وڃن. هن چيو ته لياري جا روڊ تعمير ڪيا ويا آهن، علائقي ۾ صحت ۽ تعليم جون سهولتون بهتر ڪيون ويون آهن مراد علي شاهه لياري جي عوام تي زور ڀريو ته سندن ٻارن کي سٺي تعليم فراهم ڪن ته جيئن اهي پاڪ آرمي، نيوي، پوليس ۽ ٻين باوقار قومي ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.