ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ واقعن ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ عورت سميت 9. ڄڻا زخمي ٿي پيا. اتحاد ٽائون ٿاڻي جي حد قائمخاني ڪالوني ۾ بن قاسم مسجد ڀرسان جھيڙي دوران ڇرين جي وار سان ھڪ ڄڻو نظام الدين ولد عبدالقھار مارجي ويو، عزيز آباد ٿاڻي جي حد عزيز آباد نمبر 8 نعمت ڪالوني ۾ واقع الماس مسجد ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ ۾ 22 سالن جو نوجوان شھاب ولد سلامت قتل ٿي ويو. قائد آباد ٿاڻي جي حد لانڍي اسپتال چورنگي شير پاءُ ڪالوني جي ڀرسان نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ اخلاق شاھه ولد عالم شاھه زخمي ٿي پيو. ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد بلوچ پاڙي ڀرسان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ اسرار ولد خير محمد ۽ خير محمد ولد دين محمد زخمي ٿي پيا. لياقت آباد جي علائقي غريب آباد ناصر يوناٽيڊ بروسٽ ڀرسان ڏنڍن جي وار سان شعيب ولد صالح الدين زخمي ٿيو.