ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ سڌ سماءُ ، ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرل واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ سرڪار جو اهم منصوبو آهي، بي آر ٽي منصوبي سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، رهيل ڪجهه مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا، بي آر ٽي منصوبي تي ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪيو ويندو، اسان جي اوليت آهي ته عوام کي ريليف ڏيون، ريڊ لائن بي آر ٽي بائيو گيس تي هلندڙ پاڪستان جي پهرين بس سروس هوندي.هن اها ڳالهه ريڊ لائن بي آر ٽي جي تعميراتي ڪم جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان ريڊ لائن بي آر ٽي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، اميد آهي ته هي پراجيڪٽ مقرر مدي اندر مڪمل ٿي ويندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون پکيڙي عوام کي مايوس ڪن ٿا ۽ سوشل ميڊيا تي غلط خبرون ڏئي رهيا آهن پاڪستان وڌيڪ ڪوبه ايڊونچر برداشت نٿو ڪري سگهي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ۽ بدترين ڏينهن آهي، اسلام آباد تي حملي جون ڌمڪيون ڏيندڙ جو به اھوئي انجام ٿيندو جيڪو 9 مئي وارن جو ٿيو.هن چيو ته اليڪٽرڪ بسن ۾ ڪجهه مسئلا آهن، جتي بسون چارج ڪيون وڃن اتي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اسان لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ بابت ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو بڻجڻ يا نه ٿيڻ تي سي اي سي جي فيصلن جي پابند آهي، پيپلز پارٽي هڪ ذميوار پارٽي جي حيثيت سان حڪومت سان گڏ هوندي ۽ ملڪي ترقي جي هر فيصلي ۾ اسان وفاق سان گڏ آهيون. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي وقتي سي اي او شمائله محسن، ٽرانس ڪراچي جو جي ايم پير سجاد سرهندي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.