جوهي ( رپورٽ: اسماعيل پيرزادو ) قصبو ٿاڻي جي حد ۾ لغاري برادري جي ٻن ڌُرين ۾ ٻه ڏهاڙا اڳ مارجي ويل نوجوان علي حسن لغاري جي پلاند ۾ 40 کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ دولتاڻي لغاري تي چڙهائي ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهنجي نتيجي ۾ محمد ولد احمد لغاري مارجي ويو آهي, ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙ شديد فائرنگ باوجود قصبو پوليس اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن ڪري نوجوان مارجي ويو آهي, ڌُرين ۾ ٻڪري چوري تان تڪرار شروع ٿيو هيو جنهن دوران هن وقت تائين ٽي انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويون آهن, اطلاع آهن ته قصبو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل محمد لغاري جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال جوهي کڻائي پهتا ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو .