ڪراچي/حيدرآباد/سکر (رپورٽر+نمائندا) مزدورن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ شهر اندر مختلف مزدور تنظيمن ريليون ڪڍيون جنهن ۾ مزدور اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اندر موجود ساڍا اٺ ڪروڙ ليبر فورس مان رڳو ھڪ سيڪڙو کان گھٽ مزدور يونين سازي واري حق مان فائدو حاصل ڪري رھيا آھن، جڏھن تھ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ يونين سازي ھڪ سيڪڙو کان بھ گھٽ ھئڻ ڪري اھي مزدور عذاب واري زندگي گھاري رھيا آھن. ماضي ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري تحت 178 پيداواري ادارن کي 6 ارب ڊالرن ۾ نيلام ڪيو ويو، اھا رقم ڪيڏانھن وئي، قوم کي ڪابھ خبر ناھي، ان کان سواءِ ڪيترائي ادارا بند ٿي ويا آھن، جنھن ڪري ملڪ جو پورھيت ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي. اها ڳالھ يوم مئي جي حوالي سان 138 ھين عالمي مزدور ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ ھوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊريشن پاران ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ٽريڊ يونين جي اڳواڻن ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زھريٰ خان ۽ گل رحمان خطاب ڪندي ڪيون. اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ ملڪ اندر پورھيت جو استحصال 138 سالن بعد بھ بند ناھي ٿيو، جيتوڻيڪ عالمي طور تي منظور ڪيل مزدور چارٽر کي پاڪستان جي حڪومت پاران پڻ لاڳو ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو تھ يوم مئي تحريڪ جو بنيادي سبب پورھيتن لاءِ ڪم جي وقت جو تعين ڪرڻ، سندن اجرتن ۾ اضافي سميت تنظيم سازي جو حق ھو. اڳواڻن چيو تھ سموري دنيا اندر پنھنجن بنيادي حقن کان محروم اربين پورھيت اڄ بھ جدوجھد ڪري رھيا آھن، مزدور تحريڪ جي اڳواڻن آمريت وارن ڏکين ڏھاڙن ۾ پڻ فوجي آمرن خلاف جان جون قربانيون ڏيندي جدوجھد کي قائم رکيو آھي، پر افسوس تھ جمھوريت جي نعرن جي گونج ھيٺ ايندڙ جمھوري حڪومتون پڻ مزدورن جا جائز ۽ قانوني حق ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون آھن،اڳواڻن پنھنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو تھ ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي باوجود ادارن ۾ ٺيڪيداري نظام وارو زھر موجود آھي، جنھن ڪري پورھيت طبقي جو معاشي۽ سماجي استحصال ٿي رھيو آھي اڳواڻن مطالبو ڪيو تھ مزدورن جي اجرت گھٽ ۾ گھٽ 50 ھزار رپيا ماھوار ڪئي وڃي، ھر شعبي اندر پورھيتن کي يونين سازي جو حق ڏنو وڃي، بي زمين ھارين کي زمين ڏيڻ سميت ملازمن لاءِ لکت ۾ مقرري بابت آرڊر ڏنا وڃن، ادارن ۾ ٺيڪيداري نظام تي پابندي مڙھي وڃي. ريلي ۾ فلسطين جي حق ۾ جڏھن تھ اسرائيل ۽ آمريڪا مخالف نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو مزدور اتحاد ليبر يونين،شاھ عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ ريلوي محنت ڪش يونين ڪراچي ڊويزن پاران مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان شڪاگو جي شهيد مزدورن سان يڪجهتي طور بينر کڻي مظاهرو ڪيو ويو. يڪجهتي مظاهري جي اڳواڻي مزدور اتحاد ليبر يونين جي چيئرمين صابر پرويز حبيب ،ريلوي محنت ڪش يونين ڪراچي ڊويزن جي مرڪزي چيئرمين مجيد سولنگي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن جي شير علي جسڪاڻي، محمد آصف ۽ وسيم عطر بهراڻي ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ پورهيتن ريليون ڪڍيون