اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزارت پنهنجي مالياتي آپريشن رپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال 24-2023ع جي جولاءِ کان مارچ تائين جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت جي مالياتي آپريشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان مارچ تائين بجيٽ خسارو 3.7 سيڪڙو رهيو، جيڪو 9 مهينن ۾ 3902 ارب رپيا رهيو. رپورٽ موجب جولاءِ کان مارچ 2024 تائين ڪل آمدني 9780 ارب رپيا هئي جڏهن ته مجموعي خرچ 13 هزار 682 ارب رپيا هئا ۽ جولاءِ کان مارچ تائين ٽيڪس آمدني 7262 ارب رپيا هئي. رپورٽ موجب 9 مهينن ۾ وفاق 6711 ارب رپيا ۽ صوبن 550 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيا، جڏهن ته 12 هزار 333 ارب رپيا جاري خرچن تي خرچ ڪيا ويا.