ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد نمبر 3 ۾ هڪ شهري جي فائرنگ سان ٻه ڦورو مارجي وڃڻ جو واقعو پيش آيو، پوليس ٻڌايو ته ڦر لٽ ڪندڙ ڦورن تي هڪ شهري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سان هڪ ڦورو تڏي تي مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، جنهن اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو، ڄاڻايل ڦورن جي سڃاڻپ شاهد ۽ سعود جي نالن سان ٿي آهي، مارجي ويل ڦورن جي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ اڳ به ڪيترائي ڪيس داخل آهن، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي سڃاڻپ تلاش ايپ جي ذريعي ڪئي وئي، مارجي ويل ڦورو مختلف وارڌاتن ۾ 4 شهرين کان موبائل ۽ هڪ عورت کان پرس کسي فرار ٿي رهيا هئا، ڦورن جي قتل کان پوءِ انهن وٽان ڦر ڪيل 4 موبائل فون ۽ پرس به هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مارجي ويل ڦورن کان وارڌاتن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيا ۽ موٽر سائيڪل هٿ آئي.