پشاور( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪا به ڳالهه ٻولهه ٿي ته سڀني جي سامهون ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کان ڳجهي ڳالهه نه ڪئي ويندي. پشاور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي حمايت ڪري ٿو ته پوءِ اسان ان جا شڪر گذار آهيون ۽ جيڪڏهن مولانا چئي ٿو ته مينڊيٽ چوري ٿي ويو آهي ته مان حاضر آهيان، .هن چيو ته مولانا جو مينڊيٽ چوري ناهي ٿيو ساڻس فراڊ ٿيو آهي، هن چيو ته سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته مينڊيٽ چوري ٿي ويو آهي، چوري ۽ فراڊ ۾ فرق آهي، ڪجهه ماڻهن سان ڊيل ڪئي وئي، انهن کي فارم 47 ذريعي کٽرايوويو، جيڪڏهن مولانا کي ناهي کٽرايو ويو ته انهن کان پڇي وٺي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڳالهين جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جيڪڏهن ڪا به ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته سڀني جي سامهون هوندي، ڪا به ڳالهه ڪنهن کان لڪيل نه هوندي، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ڪڏهن به ڊيل نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڊيل جي حق ۾ آهي، اهو نه سوچيو ته هو ڪرسي لاءِ ڪا ڊيل ڪندو .