پيپلز بس سروس جون 20 نيون بسون ڪراچي پهچي ويون

ڪراچي(رپورٽر)عام ماڻهن جي بهترين، سستي ۽ آرامده سفري سهولتن ۾ واڌ لاءِ پيپلز بس سروس جون 20 نيون بسون ڪراچي پهچي ويون آهن.سنڌ جي سينيئر وزير  ۽ اطلاعات ٽرانسپورٽ  ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عوام کي خوشخبري ڏيندي ٻڌايو آهي ته بسن جي نئين کيپ ڪراچي پورٽ تي پهچي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ھن چيو ته انشاءَ الله عوام جي سفري سهولتن ۾ وڌيڪ اضافي  لاءِ سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي پاران تمام جلد نوان روٽ شروع ڪيا ويندا.هن چيو ته اسان جو ڌيان عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ تي آهي.

  1. ترڪي، سعودي عرب ۽ دبئي ۾ شديد برساتون

رياض/ دبئي/ استنبول (م ڊ) سعودي عرب جي اترين علائقن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب روڊ رستا دريائن ۽ واهن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، اهم روڊ رستا بند ٿي ويا، ڪيتريون  ئي گاڏيون بيهجي ويون، جڏهن ته شهري گهرن ۾ ڦاٿل آهن. عرب نيوز جي رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جنهن سبب وڏي پيماني تي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف عرب ۽ ترڪيه ميڊيا موجب، دبئي ۽ ترڪي جي علائق انقراهه ۾ به برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي.جنهن سبب گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ هر طرف ٻوڏ جا منظر ڏسڻ وٽان ملي رهيا آهن، جڏهن ته بجلي نظام پڻ ڊانواڊول ٿي ويو آهي. ٻئي طرف متحده عرب امارات ۾ اڄ ٻيهر تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب دبئي جي خانگي اسڪولن  اڄ ۽ سڀاڻي  آن لائين اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. خليجي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي آهي ته عرب امارات ۾ موسم غير مستحڪم رهندي، ڪٿي تيز ۽ ڪٿي وچولي طبقي جي برسات پوندي،

  1. ڳجھا ادارا مرضي جا فيصلا وٺڻ لاءِ رابطا ڪندا آهن: پشاور هاءِ ڪورٽ جا ججز

پشاور (م ڊ)عدالتي مداخلت جي ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججن پنهنجي تجويزن ۾ لکيو آهي ته انٽيليجنس ايجنسيون من پسند فيصلا حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا ڪن ٿيون، جيڪڏهن اسان اڻ ڌريا رهي  فيصلا ڪيون ته پاڙيسري ملڪ افغانستان مان ڌمڪيون اچن ٿيون. عدليه ۾ مداخلت نه رڳو انتظاميا ۽ انٽيليجنس ادارن جي آهي پر ان جي اندر کان به آهي. ماضي ۾ جڏهن جسٽس شوڪت عزيز صديقي اها ڳالهه ڪئي ته کيس عهدي تان هٽايو ويو ته پوءِ ججن جو ضمير ڇو نه جاڳيو هو؟ موجوده بينچ کي گهرجي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي آءِ بي کي طلب ڪري انهن کي حدون ياد ڏياري. بئريسٽر احمد حسن شاهه چيو ته جڏهن سمورين هاءِ ڪورٽن مان عدليه ۾ مداخلت جون تجويزون آيون ته ان جو مطلب اهو آهي ته عدليه هڪ ادارو طور جواب ڏئي رهي آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو عدليه ان مسئلي تي ايترو کليل بحث ڪري رهي آهي، ان ڪري ڪو نه ڪو حل ضرور نڪرندو. جهانگير خان جدون چيو ته عدليه ۾ جيتري مداخلت آهي، ان ۾ سياسي اشرافيه به ملوث آهن. چيف جسٽس اهو به اعتراف ڪيو ته عدليه پاڻ مداخلت ڪندڙن سان مليل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.