شڪارپور ۾ جماعت اسلامي پاران قبيلائي جهيڙن ۽ بدامني خلاف ريلي

ڪراچي/ شڪارپور (پ ر+ ذوالفقار مگسي) پهرين مئي2024 جماعت اسلامي ضلع شڪارپور طرفان ضلعي ۾ سخت بدامني، ڌاڙا، ڦرون، اغوا توڙي قبيلائي جهيڙن خلاف رستم چوڪ کان لکي در تائين هڪ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ ماڻهو “ امن کپي، بدامني ختم ڪريو، سنڌ جي ڌرتيءَ امن جي ڌرتيءَ” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي اڳواڻن عبدالسميع شمس ڀٽي، ڊاڪٽر محمود الاهي هڪڙو، شهري اتحاد جي ايڊووڪيٽ اصغر پهوڙ، سول سوسائٽي جي وسيم شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرون، ڌاڙا ۽ قبيلائي جهڙن عوام جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، هر شهري عدم تحفظ جو شڪار آهي، اغوا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، عوام سراپا احتجاج آهي، پر حڪومت توڙي انتظاميا جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري. هٿ وٺي سنڌ جو امن تباه ڪيو پيو وڃي. جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار کي مليل پوليس اسڪواڊ مان جديد اسلحو اسمگلنگ ڪندي پڪڙجڻ ان جو چٽو مثال آهي. حڪومت شڪارپور سميت سنڌ ۾ قيام امن لاءِ سنجيده ڪونه آهي ڇو ته سڀني کي ڏوهن مان برابر جو فائدو ملي ٿو رُلي غريب عوام ويو آهي. سنڌ ۾ خاص طور لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي. جماعت اسلامي اڳواڻن گهر ڪئي ته حڪومت قيام امن ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري پنهنجي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري پوري ڪري. مظاهري ۾ نياز احمد ڀٽي، علي اڪبر ٻرڙو، وسيم شيخ، صلاح الدين مهر، طارق سنهدڙو، جانب کوسو، ديدار حسين جتوئي، مفتي عبدالغفور قاسمي ۽ ٻيا شريڪ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.