اسلام آباد(بيورو) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته موجوده پارليامينٽ پنهنجو پهريون قانون پاس ڪيو جيڪو ٽيڪس سڌارن بابت آهي، اولڊ راوين ايسوسئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته 2700 ارب روپين جي محصولات اسٽي آرڊر جي ڪري روڪيل آهي، وزيراعظم ذميواري ڏني ته ٽرمنلز ۽ اپيل جو نظام ۽ ان کان پوءِ ريفرنس جي فيصلن جي نظام ۾ ري فارم ڪيو وڃي.