ڪراچي (رپورٽر) توانائي، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ بابت صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي علي هائوس ڪراچي ۾ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته هن توانائي کاتي جي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪوئلي جي کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ڪم ڪندڙ ڪرنگهي جي هڏي مثل آهن سموريون لاڳاپيل ڪمپنيون مائنز ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حفاظت کي يقيني بڻائين. مزدورن کي جديد سيفٽي ڪٽس فراهم ڪيون وڃن، ڊسپينسريون ۽ هيلٿ اسٽاف کي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي صحت لاءِ تيار رکيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن ۽ هارين جي پارٽي آهي پيپلز پارٽي هميشه پورهيتن ۽ پورهيت طبقي جي بحالي ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مزدورن جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل رهندي.