حيدرآباد (رپورٽر)عوامي تحريڪ ۽ سنڌي مزدور تحريڪ پاران يوم مئي جي حوالي سان مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ تقريبون ڪيون ويون. ملير ۾ سوين مزدورن جي ريلي ڪئي وئي. مٺي ۾ عوامي هائوس تي تقريب ٿي، ننگرپارڪر ۾ عوامي هائوس تي تقريب منعقد ڪئي وئي، ڪي اين شاهه ۾ يوم مئي جي ريلي ۽ مزدور اڳواڻ ماما رسول بخش بروهي جي نائين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي. ڏيپلو بدين اسٽاپ کان ريلي ڪڍي ويئي، الله والا چوڪ تي پهچي ريلي جلسه عام جي شڪل اختيار ڪئي. اسلام ڪوٽ عوامي هائوس کان ريلي ڪڍي ويئي پريس ڪلب تي پهچي خطاب ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌي مزدور تحريڪ ڏيپلو پاران ڳوٺ ڊونڊيو ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي ويئي. وارهه ۾ عوامي هائوس کان ريلي ڪڍي وئي، سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻ شهيد عارب چانڊيو جي نائين ورسي جي موقعي تي ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ چاڪر خان چانڊيو دولت موڙ تي تقريب ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. احتجاجن جي اڳواڻي ڪندڙن ڊاڪٽر دلدار لغاري، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، عرفان منان، ڪامريڊ برڪت سوڍر، آفتاب همت، حميد باغي، حامد چانڊيو، نوريز چانڊيو، اميربخش جروار، اياز کوسو، خيرمحمد چانڊيو، طالب جروار، رزاق جروار، اي بي جروار، وزير چانڊيو، ملوڪ چانڊيو، ڪامريڊ شگن ڪولهي، اعظم مريداڻي، ضلعي صدر عمر بجير، پيرا ميڊيڪل اڳواڻ ميوارام ساقي، شهري اتحاد اڳواڻ عمران باغي، اوڀايو جوڻيجو، ايس ايس ٽي ضلعي جنرل سيڪريٽري لولکاڻي، عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪرشن ميگهواڙ، رسول بخش جوڻيجو، ديوان ڀيل، دليپ سنڌي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي آرگنائيزر نارائڻ، سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي سيڪريٽري لکميچند، پياسي ميگهواڙ، کينراج ڪولهي، ڊاڪٽر ڪلجي ڪولهي، ڪرشن ميگهواڙ، امرسنگهه ڀيل، ماجد پسايو، امول ٿري، موهن ميگهواڙ، منسک ڪولهي، ايڊووڪيٽ پرمانند ۽ ٻين چيو ته صدين کان هلندڙ جاگيرداري نظام سنڌ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي خاتمي تائين مزدور خوشحال نه ٿي سگهندا. حڪومت مزدورن بدران سرمائيدارن جي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جا وزير، مشير ۽ وڏيرا ڌاڙيلن جا سهولتڪار آهن. پيپلز پارٽي سرڪار جا صلاحڪار ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائي رهيا آهن. ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندڙ ڪنهن به سردار خلاف هن وقت تائين ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي.