ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي سالياني مرمت جو ڪم مڪمل،بجلي بحال

ڪراچي(رپورٽر) ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران 2023.24 جي سالياني مرمت جو ڪم مڪمل ٿي ويو، مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن جي سمورن فيڊرز کي بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي بحال ٿي ويئي، ٻئي طرف واٽر ٽرنڪ مين ڊبليو ٽي ايم واٽر ڪارپوريشن پاران 84 انچ پي آر سي سي سائفن فيز ون تي موجود ليڪيجز جي مرمت جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي، ترجمان ٻڌايو ته مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد پاڻي جي سمورين لائينن کي چارج ڪيو پيو وڃي جنهن کانپوءِ اڄ رات تائين شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معمول تي اچي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.