پاڪستان جي مزدورن ۽ ملازمن لاءِ سھائتا جا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي 

تحرير: منظور ڪالرو

دنيا م عالمي ڏينهن قومن يا شخصي جدوجهد جي ڪري سندن يادگار قربانين شھادتن ڪارنامن ۽ ڪاميابين کي وڌيڪ عام پڌرو ڪرڻ لاءِ ملھايا وڃن ٿا ته جيئن ٻيون قومون ۽ اتي جا فرد اھڙين ڪاميابين بابت ڄاڻ حاصل ڪندي پاڻ ۾ اھي تبديليون آڻيندي سماج ۽ قومن جي ٻھتري ترقي خوشحالي جديد سائنسي سماجي علمن جي حاصلات واسطي اڳتي وڌي قومن کي مسئلن پريشانين ۽ تڪليفن مان اڪاري پار ڪري آسودگيءَ واري زندگي بسر ڪن. اھڙيء ريت مختلف عالمي يا ھر ڪنھن ملڪ جي پنهنجن قانون توڙي ثقافتي اھڃاڻن سان تاريخ ۾ حاصل ڪيل عزت  توڙي وقار وارن ڪارنامن جي فتح تي خوشيون ملھائي ان مان سبق حاصل ڪيا وڃن ٿا.

دنيا جي تاريخ ۾ مظلومن جي جدوجهد سان ظالمن مٿان تاريخ ساز فتحن ۽ فاتحن جي حوالي سان "پھرين مئي” جي تاريخي حقيقت رھي آھي جنهن ڏينهن (1827ع) تي شڪاگو (آمريڪا) جي مزدورن پنهنجن بھادر دلبر، دلير ۽ نه وڪامجندڙ توڙي نه

جھڪندڙ اڳواڻن جي رھنمائي ۾ تڪليفون برداشت ڪندي ڪندي نيٺ ھڪ ڏينهن سرخرو ٿي پنهنجا جائز مطالبا منظور ڪرايا. ان ڏينھن جي فتح توڙي خوشي جو ڏھاڙو پھرين مئي کي بطور مزدور عوام سڄاڻ ڌرين جي گڏيل تعاون سان ڪاميابين جو عالمي ڏينهن ڪري ڌام ڌوم سان ملھايو وڃي ٿو. ھن ڏينهن تي شڪاگو جي تحريڪ ۾ شهادتون حاصل ڪندڙ مزدور اڳواڻن ايڊلف فشر، جارج اينجل، البرٽ ئي آگست اسپاٽر کي سرخ سلام پيش ڪيا وڃن ٿا. اھي سرخ سلام جيڪي سندن ڳاڙھي رت ٻڏل ڪپڙن سان ريٽجي وڃڻ ڪري "ڳاڙھن جھنڊن” ۾ تبديل ٿي ويا.

ان ڊگھي تاريخي جدوجهد واري منظرنامي ۾ ڏسڻو اھو آھي ته پاڪستان جي مزدورن ملازمن پورھيت طبقي کي ڪيتريقدر بنيادي حق ۽ فائدا ملي سگھيا يا اھي ڪنھن پاسي لڪي ويل ظالمن جي ڀٽڪيل روحن جي عتاب جو نشانو بڻيل رھن ٿا. پاڪستان ۾ مزدورن، ملازمن، ھارين نارين، ھوٽلن تي بيراگيري..اخباري ادارن ۾ نوڪريون ڪندڙن… وڏي عرصي کان بطور ڪچا ملازم پڪو نه ڪرڻ واري گھاڻي ۾ پيڙجندڙن، بٺن جي سخت مزدوري ڪندڙن، خانگي ادارن ڪمپنين، شوگر ملز .. ۽ ڪپڙن/گارمينٽس جي فيڪٽرين ۾  ڪم ڪندڙ  ملازمن، گڊز ڪمپنين جا ٻار ڍوھيندڙ حمالن، توڙي ڀاڄي مارڪيٽن جي مزدورن ۽ ٻين ڪيترن شعبن سان سلھاڙيل مزدور طبقي کي اڄ به سندن خوشحالي لاءِ قانوني، اخلاقي، انساني ۽ فلاحي ڪمن ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون.. اڄ به سندن خوشحالي جا ساڳيا ڪوڙا واعدا… دوکيبازي تي ٻڌل تقريرون.. بيان بازيون  ٻڌڻ ۾ اينديون…. اھي بيان جيڪي اڳ به عوام خاص ڪري مزدور طبقي سان ڪيا ويا آھن پر حقيقت ۾ "سور ساڳيا پروڪا” واري صورتحال ڏسجي ٿي.!!

ان مناسبت سان اھڙن منافقي وارن روين ھوندي اميد ڪجي ٿي ته پاڪستاني حڪومت  خاص طور سنڌ صوبي جا حڪمران مدي خارج اعلانن ۽ بيان بازين توڙي جادوگري وارا سبز باغ ڏيکارڻ بجاء ڪمپنين خانگي ادارن وغيره جي ملازمن، مزدورن، ھارين جي خوشحالي لاءِ سچائي تي ٻڌل فيصلا ڪندا جيڪي گرائونڊ تي ڏسجڻ ۾ اچڻ گھرجن ته جيئن، ھن روزمره شين جي مھانگائي واري ڏکي دور ۾ غريبن ۾  زندھ  رھڻ جا آسرا پختا ٿي سگھن جنھن سان اھي بک بدحالي جي ڪري خودڪشيون يا ڏوھ نه ڪري سگھن.

ھن ڏس ۾ محنت ڪش مسٽر اشرف سمون، مزدورن جي  غربت وارين حالتن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته: يوم مئي تي آفيسن جي ته عام موڪل ڪئي وڃي ٿي پر ڪيترا مزدور ۽ ملازم ساڳي ريت ڪم ڪار ڪرڻ ۾ مشغول رھن ٿا، جيئن سندن ڏھاڙي ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. مزدورن لاءِ فلاحي اسڪيمون جوڙيون وڃن اھڙيون اسڪيمون يا مراعات ڏيڻ جا اعلان ڪيا وڃن ٿا تن جو فائدا وچ ۾ غائب ٿيڻ بجاءِ حقيقي مزدورن ھارين پورھيت طبقي تائين پھچڻ کپن. اھڙي طرح شھيد راڻي سان منسوب ڪيل "بينظير مزدور ڪارڊ” کي موثر بڻائيندي غريبن جي فلاح کي ممڪن بڻايو وڃي. جڏھن ته ملازمن جي پينشن ۾ رڪاوٽن ۽ رشوت بازاري جو خاتمو ڪرائڻ لازمي آھي.

ھن سلسلي ۾ مزدورن جي مسئلن بابت پورھيت طبقي جي رھنمائي ڪندڙ "محترم طفيل ميمڻ” به اظھار ڪندي چوي ٿو ته، حالتون مزدورن جي فلاحي حقن جي ڏس ۾ بھتر ناھن. مھانگائي غريب پورهيت جي چيلھ چٻي ڪري ڪيترن مسئلن ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي. جتي مزدورن ۽ ملازمن جي ٻارڙن لاءِ تعليم سميت بجلي، گيس جي بلن کي مھانگو ڪرڻ سبب وک وک تي جيئڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي. ھن،انھن ادارن اسٽورن مال ڪمپنين ۾ جتي ملازمن جي ڀلائي واسطي سرڪاري پينشن EOBI جي اسڪيم نٿي ڪرائي وڃي تن ۾ ھنگامي سطح تي اھا پينشن  پاليسي شروع ڪرائڻ تي زور ڏنو. .

يوم مئي 2024ع جو ڏھاڙو ملھائڻ واري اڄوڪي ڏينهن تي پاڪستان جي سرڪار پاران مزدورن جي حالتن م ڪي به  ٻھتر سڌارا نه آڻڻ جي ڪري سندن حالتون ابتڙ ڏسڻ ۾ اينديون. ان ڪري قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا معزز ايوان يوم مئي جي مقصدن جو ڀرجھلو ٿيندي عملي طور بھتر فائدا ڏيڻ جا فيصلا ڪري سندن ڏکن سکن ۾ پنهنجا سمجھي ھمدردين سان ساٿ ڏين. ھنن فائدن توڙي مراعاتن ۾، EOBI پينشن ۾ ڏھن ھزارن مان 25000 پنجويھ ھزار مقرر ڪرڻ، سنڌ جي ملازمن کي گريجوئٽي ڏيڻ سان گڏوگڏ ھارين، خانگي ادارن، اسپتالن، ميونسپالٽين جي جمعدارن کي ( جن کي "خاڪروب”  ٿا سڏين) خاص ڪري جيڪي ملازم گٽرن جي صفائي ڪندي ساھ ٻوساٽجڻ ڪري تڙپي تڙپي موت جي منھن حوالي ٿيو وڃن ٿا، فيڪٽرين، وڏن مالن/اسٽورن، ڪمپنين، گڊز ٽرانسپورٽ، ڪوچن، پيٽرول پمپن جي مزدورن ۽ عورت ملازمن مزدورن وغيرہ واسطي سندن زندگين  توڙي موت بعد خوشحالي جا اعلان ٿيڻ جي سخت ضرورت آھي. اھو ئي مئي تحريڪ جو اصلي روح آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.