پورھيتن جي جدوجھد لاءِ وڏي انگ ۾ اديبن ادب تخليق ڪيو آھي ـ جنھن ۾ ھتان جي ناول نگارن ڪھاڻيڪارن ۽ شاعرن پاڻ ملھايو آھي ـ سندن تخليق ڪيل ادب جو ھڪ وڏو حصو پورھيتن جي لاءِ آھي ـ سنڌ جي سرتاج شاعر شاھ لطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ پورھيتن جي عظمت ۽ جرئت بابت ڪيترائي شعر موجود آھن ـ ڀٽائيءَ پورهيت عورتن جي حق ۾ ڪيترائي بيت چيا آھن ۔ سندس شاعريءَ ۾ عام پورھيت جو ڪافي جاين تي ذڪر ملي ٿو ـ شاھ لطيف پورھيت دوست شاعر آھي ـ ھن مھاڻن سميت ڪيترائي ڌنڌا ڪندڙ پورھيتن بابت شاعري ڪئي آھي ـ ان کان سواءِ استاد بخاري ۽ شيخ اياز پنھنجي انقلابي نظمن ۽ شاعري ۾ پورھيتن چو ڀرپور ذڪر ڪيو آھي ـ شيخ اياز ھڪ ھنڌ چئي ٿو ته سڄو ڏيهھ ڏاٽا ڪري جي اڀا ـ لکين عيد جا چنڊ اڀري ـ اڄ لال لھوءَ جي سرگم تي ٿي منھنجي ڌرتي رقص ڪري ـ منھن ھيٺ ٿيا غدارن جا بيشرم وڏيرن پيرن جا ـ پورھيت لاءِ پرديس به ساڳيو ديس به ساڳيو ـ چيڙھ به ساڳيو چڳ به ساڳيو ڌرتي تي انڌڪار به ساڳيا ـ پنھنجي رت ۾ ريٽو جھنڊو اڀ تائين جھوليندو اھڙو ڏينھن به ايندو ـ نياز ھمايون لکي ٿو ته او ھاري ڪجهھ سوچ سڌورا ويل نه آھ وڃائڻ جي ـ دنيا ڏس ته سجاڳ ٿي وئي تون به ته ڪر جا جاڳڻ جي ـ مشھور اردو شاعر فيض احمد فيض جا ڪيترائي نظم پورھيتن جي جدوجھد بابت لکيل آھي ـ ھن لکيو ته اور بھي غم ھين زماني مين محبت ڪي سوا ـ اھڙي ريت مشھور انقلابي شاعر حبيب جالب پڻ اردو ۾ پورھيتن جي عظمت ۽ مسلسل جدوجھد جي موضوع تي شاعري ڪئي آھي ـ جالب ۽ فيض عملي طور تي به پورھيتن جي جدوجھدن ۾ حصو وٺندڙ شاعر ھيا ـ ھو مختلف مشاعرن ۽ جلسن ۾ پورھيتن لاءِ شعر پڙھيا ـ اھي پورھيتن جي جلسن ۾ پڻ پورھيت دوست شاعري پڙھندا ھيا ۔ شبير بيدار ڀٽو پڻ مظلومن ۽ پورھيتن لاءِ لکيو ـ ھو لکي ٿو رت ملائي ريج رچائن ننڊ ڦٽائي پوک پچائن شال ٿين سي شاد ـ عبدلڪريم گدائي پڻ پورھيتن لاءِ لکيو ھو لکي ٿو خبردار ھاري جو ڀوتار آيا ـ پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا ـ
ھڪ ٻئي ھنڌ لکي ٿو وري مند آئي خبردار ھاري ـ کڻي ڄار نڪتا پراڻا شڪاري ـ اھڙي ريت سنڌ جي ڪھاڻيڪارن ۽ نثر نگارن پنھنجن تخليقن ۾ پورھيتن جي مسئلن ۽ اھميت کي اجاگر ڪيو آھي ـ جنھن ۾ عثمان ڏيپلائي منظر بيدار نسيم کرل ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن پنھنجن ڪھاڻين جو موضوع پورھيتن کي بڻايو آھي ـ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنھنجي شاعريءَ ۾ پورھيتن کي خاص موضوع بڻايو آھي ـ سندس شھرت آفاق نظم جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت سنڌ ۾ پڻ پورھيتن جو ذڪر موجود آھي ـ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پورھيت جدوجھد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي پنھنجي شاعريءَ ۾ پورھيتن ھارين جي مسئلن تي ڀرپور نموني لکيو آھي ـ ڪامريڊ لکي ٿو جيئي ھاري ۽ مزدور ـ جيئي ھارياڻي پرنور ـ ڪامريڊ جي شاعريءَ ۽ لکيل پمفليٽن جو محور ئي سنڌ ۽ ان جا پورھيت آھن ـ ھاري حقدار اخبار جا ايڊيٽوريل پورھيتن جي ڪيل جدوجھدن سان ڀريل رھيا ـ ان اخبار ۾ ھارين ۽ مزدورن جي سنڌ ۽ سموري دنيا اندر ھلندڙ ھلچلن جو ذڪر ملي ٿو ـ شھرت آفاق ناول نگار ممتاز بخاري ڪلاس فور جي محبوبا ناول پڻ پورھيتن جي انيڪ مسئلن ۽ حالتن کي سامھون رکندي لکيو آھي ـ جنھن ۾ ريلوي جي پورھيتن جي مسئلن کي چڳي ريت بيان ڪيو اٿين ۽ ريلوي ڪالونين جي رھواسين جي زندگين جي مڪمل ريت عڪاسي ڪيل اٿس ـ اڄ جي جديد سنڌي ادب ۾ پڻ اديب پورھيتن جي اھميت تي لکن پيا ـ جن ۾ امر اقبال ادل سومرو شيخ ارشاد اياز لطيف دايو پريل دايو امداد جسڪاڻي بيخود بلوچ آغا سجاد زائر ممتاز بخاري سميع ڪنڌر وحيد انصاري قدير انصاري سچل ڀٽي ڊاڪٽر خادم منگي ۽ ٻيا ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا ـ جنھن ۾ کوٽ تحقيقي ادب جي آھي ـ
پورھيتن جي تاريخ بابت تحقيقي ڪم نھايت گھٽ ٿئي پيو بلڪي ٿئي ئي نه پيو ـ جنھن جو ڪارڻ اسان جي اڄ جي اديب جي تحقيقي تاريخ سان دلچسپي جو نه ھجڻ آھي ـ پورھيتن جي جدوجھد جي تاريخ تي اٽي ۾ لوڻ برابر لکيو ويو آھي ـ ڪي اديب ته رڳو عالمي پورھيتن جي ڏينھن جي مناسبت سان رڳو انھيءَ ڏينھن لکن ٿا ـ جڏھن ته ٿيڻ ائين کپي ته پورھيتن جي مسلسل جدوجھد بابت اسڪولي نصاب ۾ مضمون ۽ شاعري شامل ڪئي وڃي ـ
اڄ ادب سان وابستا دوستن کي جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت پڻ شامل آھي پورھيتن جي ڪيل جدوچھدن يا ھلندڙ جدوجھدن بابت ادب چي تخليق ۾ ان جو جائز مقام ڏيڻو پوندو ۽ اديبن کي پنھنجي جاکوڙ ۾ به پورھيتن جي مسئلن کي اوليت ڏيڻي پوندي ـ ڇاڪاڻ ته اديب به قلم جو مزدور ٿئي ٿو ـ ان ڪري سڌي ريت اديب به پورھيت جدوجھد سان سلهاڙيل آھي ـ
سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر طرفان پھرين مئي پورھيتن جي عالمي جي موقعي تي ‘مزدور جدوجھد ۾ ادب جو ڪردار’ جي موضوع تي ھڪ مذاڪيو پڻ ڪوٺايو ويو آھي ـ جنھن ۾ اديب ۽ دانشور ان موضوع تي پنھنچا ويچار ونڊيندا ـ