دنيا جي ٻين ملڪن جيان اسان به پنهنجي ملڪ ۾ پهرين مئي تي هر سال پورهيتن جو ڏهاڙو ملهائيندا آهيون ۽ پورهيتن جي ڀلائي ۽ سندن اجوري وڌائڻ بابت وڏا وڏا اعلان ڪندا آهيون پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي هاري پورهيتن کي سندن بنيادي حق ڏياري يا ڏئي ناهيون سگهيا جنهن سان اسانجو هاري پورهيت استحصالي واري زندگي گذاري رهيو آهي.جتي هو رهن ٿا يا ٻني ٻارو ڪري ملڪ کي زرعي خوشحالي لاءِ تتي ٿڌي، ڏينهن رات پورهيو ڪن ٿا کين اتي صحت ۽ سندن ٻچن لاءِ تعليم جي ڪا به سهوليت ناهي جو اهي به معاشري ۾ ڪنڌ مٿي کڻي سگهن.عام ڏهاڙي مزدور جي به ساڳي حالت آهي.
دنيا ۾ پورهيت جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي پر هتي پنهنجي ملڪ ۾ مزدور کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان جو انتهائي حد کان وڌيڪ حشرنشر ڪيو وڃي ٿو.هاري پورهيت وڏيري ۽ جاگيردار جو محتاج رهي ٿو ۽ ان جي رحم و ڪرم تي پنهنجي زندگي گذاري ٿو.هاري پورهيت کي اها جرئت ناهي هوندي جو هو پنهنجي زميندار سان ڪا پنهنجي قانوني حق گهرڻ جي هجت ڪري سگهي.ڇاڪاڻ ته کيس ڀلي ڀت اها خبر هوندي آهي ته حق گهرڻ جا کيس ڪهڙا ۽ ڪيترا خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا.سرڪار به وڏيرن جي ته پوليس به وڏيرن جيڪي ڪنهن به وقت حجت ڪرڻ يا حق گهرڻ مهل ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سگهن ٿا.هن ڳالهه جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسانجو پورهيت هاري پنهنجا اجها ۽ ڳوٺ ڇڏي شهرن ڏانهن هجرت ڪري رهيا آهن ۽ گذريل ٽيهن سالن اندر ملڪ جو 60 سيڪڙو هاري شهرن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن جتي به هو پورهيو ڪن ٿا پر ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ وري به انهي ڪري سڪون محسوس ڪن ٿا جو مٿن وڏيرن ۽ جاگيرن جو ڏنڊو ۽ سختي ناهي، ريڙهو هلائي يا ٻي ڪا محنت مزدوري ڪن ٿا ۽ پنهنجو پيٽ حالتن موجب گذارين ٿا.
پاڪستان جي وجود کي 77 سال گذري چڪا آهن پر اسان پنهنجي هاري پورهيت جي مسئلن ڏانهن نگاهه ناهي ورائي،نه وري کين مسئلن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي چڪا آهيون.ڪافي هنڌن تان ته اهي به شڪايتون ملنديون رهن ٿيون ۽ ميڊيا جي نظر رهن ٿيون ته زميندار هارين کي پنهجو قرضي ڄاڻائي پنهنجي خانگي جيلن ۾ بند ڪن ٿا، جتان اهي پنهنجا اجها به ڇڏڻ جهڙا نٿا رهن ٿا.انهيءَ حد تائين جو هاري پورهيتن جا ننگ به محفوظ نٿا رهن ۽ اهي ڪاري ڪارو واري نظام جو شڪار ٿين ٿا.اهڙا منظر سرڪار سڳوري جي سامهون هوندي به انهن جو هن وقت تائين ازالو ٿي ناهي سگهيو.هاري پورهيت چاهيندو آهي ته سندس اولاد تعليم وٺي ۽ معاشري ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري پر اهو به ممڪن ناهي جو وڏيرو ۽ جاگيردار ڪڏهن به نه چاهيندو ته سندس هاري معاشري ۾ ڪنڌ مٿي ڪري سگهي ۽ سکي ستابي زندگي گذاري.ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ صحت جي به کين ڪا سهوليت ناهي.خدا نه ڪري ٻني ڪاهيندي کيس ڪو جيت ڏنگ هڻي ته وٽس ديسي علاج جي ٻي ڪا به سهوليت ناهي هوندي جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهي موت جو به شڪار ٿيو وڃن.قدرتي آفتن کي به منهن ڏئي نٿا سگهن.سندن ڪکاوان گهر هجڻ ڪري اهي جڏهن تباهه ٿيو وڃن ۽ سندن خوراڪ ختم ٿيو وڃي ته رهڻ ۽ کائڻ جا به محتاج رهن ٿا.پورهيتن جا معصوم ٻارڙا به زمين جو پورهيو ڪندي نظر اچن ٿا ۽ اڪثر ڪري تعليم کان محروم نظر ايندا.هاري پورهيت عورتون لابارا ڪندي ۽ ڦٽيون چونڊيندي فصلن ۾ نظر اينديون جن جا هٿ زخمي ٿيو پون ٿا يا مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿيون جن جو علاج به نٿو ٿئي.اڄڪلهه ٻهراڙي جي پورهيت عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جو مرض وڌيل آهي جن جو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج نٿو ٿئي ۽ زڪوات فنڊ جيستائين پهچي پهچي تيستائين ڪينسر ۾ ورتل هاري پورهيت عورتون فوت ٿيو وڃن ٿيون.
ماضي ۾ ڪجهه سياسي حڪومتن جي دور ۾ بي زمين هارين کي زمينون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو پر اهي زمينون ظاهري طور ته هارين کي مليون پر اهي اڳتي هلي انهن تي به وڏيرن ۽ جاگيردارن قبضا ڪري هارين جا منهن بند ڪري ڇڏيا.هارين کي زمينون ته مليون پر انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي جو اهي زمينن کي ٽريڪٽر ڏين،ٻج ،ڀاڻ ۽ دوائون وٺي سگهن.جيڪي حڪومتون اهڙيون دعوائون ڪن ٿيون تن کي بي زمين هارين جي اهڙي حالت به ڏسڻ گهرجي.هاري پورهيت هنگامي حالتن ۾ سرڪار جا بيگاري به بڻجيو وڃن ٿا.اهي به اطلاع آهن ته جن به هاري پورهيتن کي زرعي زمينون مليون هيون سي تن کان کسجي چڪيون آهن يا انهن تي ٻيهر قبضا ڪيا ويا آهن ۽ باقي زمينون به طاقتورن حوالي ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ طرف آنديون پيون وڃن جنهن سان بک بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو.
ملڪ کي جيڪڏهن خوشحال بنائڻو ۽ سنوارڻو آهي ته پهريان هاري پورهيت جي حالت بهتر بنائڻ ۽ انهن جي حقن جي حفاظت ڪرڻي پوندي.کين وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلمن مان ٻاهر ڪڍي کين ڳوٺن ۾ رهائش لاءِ گهر ٺهرائي ڏيڻا پوندا.صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون،کين هر ماهه وظيفا فراهم ڪرڻا پوندا ۽ انشورنس وسيلي سندن زندگي محفوظ بنائڻي پوندي.جيڪو به هاري 60 سالن جو ٿئي ته ان کي ٻين مزدورن ۽ پورهيتن جيان هرماهه پينشن به ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي زندگي خوشحال گذاري سگهن.بهرحال پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هاري پورهيتن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن جي محنت ۽ عظمت سان هي ملڪ زرعي لحاظ کان خوشحال آهي ۽ ملڪ جو 20 ڪروڙ عوام پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري رهيو آهي.
(ليکڪ سنڌ پورهيت فائونڊيشن جو چيئرمين آهي)