جاگيرداري نظام ۾ مظلوم طبقن جي حقن جي ڦرلٽ

تحرير: پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

بيشڪ اهي انسان تاريخ ۾ شاندار روايتن سان ياد ڪيا وڃن ٿا، جن ظلم، جبر، حق تلفين ۽ استحصال خلاف حق جو آواز بلند ڪيو ۽ قومي غلاميءَ خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. تاريخ جا ورق اٿلائڻ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات يورپ ۾ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ڌاري اٽليءَ کان ٿئي ٿي، سرمائيداري نظام کان اڳ پوري دنيا ۾ جاگيرداري نظام رائج هو، انساني سماج جي ارتقا جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ايتري ئي پراڻي تاريخ استحصال، ڦرلٽ، جبر ۽ ظلم جي آهي، مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جي ڦرلٽ وحشي دور کان مهذب دور تائين  مختلف  شڪلين  رومن ڪليساجي روپ ۾ جاگيرداري جي شڪل ۾  سرمائيداري جي شڪل ۾ ٿيندي پئي اچي جيڪا اڄ جديد دنيا ۾ پڻ جاري آهي، مظلوم ماڻهن جياپي جا جتن ڪندي  پاڻ کان ڏهوڻ تي طاقتور استحصالي قوتن خلاف هر دور ۾ بغاوتون ڪيون  ۽ جياپي لاءِ جدوجهد ڪندي لکين ڪروڙين انسانن پنهنجي جانين  جا نذرانا ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه پيدا ڪيو.

1345 عيسوي ۾ اٽليءَ جي ڪارخانن ۾ پنهنجو رت ٻاري ساڙي سرمائيداري دنيا ۾ روشني پيدا ڪندڙ پورهيتن جڏهن يونين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزدورن جي ليڊر ”چنتو بران ڊيني“ سميت 9 پورهيتن کي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ مزدورن جو زور ٽوڙڻ لاءِ ٻاهران مزدور خريد ڪري آندا ويا، اهڙي ريت 1368ع ۾  هڪ ٻي بغاوت کي پڻ استحصالي قوتن پاران تمام وحشياڻي طريقي بيدرديءَ سان ڪچليو ويو، تنهن هوندي به مزدورن جو حوصلو پست نه ٿيو ۽  شورش ماٺي نه ٿي ۽ پنهنجا حق ڇني وٺڻ جي لازوال جذبي تحت ڏهن سالن جي وقفي بعد وڏي پئماني تي پوري طاقت سان بغاوت ڪَرُ کنيو. ”وِل ڊيورانٽ“ جي چوڻ موجب ته هن بغاوت فلورينس جا بنياد ئي اکيڙي ڇڏيا ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري رياست ۾ پورهيت  راڄ جنهن کي سائنسي سوشلزم جي اصطلاح ۾ ” پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ“ چيو ويندو آهي، قائم ڪيو ويو اهڙي ريت ظلم ۽ ڦرلٽ خلاف شورش ٿيندي رهي ڪاميابي ۽ ناڪامي گڏوگڏ هلنديون رهيون.

19 صدي هڪ طرف يورپ ۾ صنعت ۽ تجارت جي اوج جي صدي آهي ته ٻئي طرف سرمائيدارن، استحصالي واپاري ٽولي جي ظلم خلاف بغاوتن ۽ مظلومن جي آزاديءَ جي صدي پڻ آهي،هن زماني ۾ مزدورن کان جبري طور تي 10 کان 14 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي ويندي هئي،  عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن کان پڻ انتهائي سخت پورهيو ڪرايو ويندو هو، موڪل جو حق به پورهيتن کي نه هوندو هو، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪوئي بيمار پئي ٿيو ته به کيس ڊيوٽيءَ لاءِ پابند بڻايو ويندو هو جانورن کان به بدتر حالت هئي پورهيتن جي مئي ڊي وارو واقعو ڪميونزم جي موجد ڪارل مارڪس جي وفات 1883ع  کان ٽي سال پوءِ پيش آيو، هن واقعي کان صرف هڪ سال اڳ ۾ اينگلز پنهنجي جگري دوست ڪارل مارڪس جي مشهور ڪتاب ”سرمايي“ جو ٻيو جلد ڇپرائي پڌرو ڪيو هو.

واضع رھي ته سن 1491ع ڪولمبس هندستان جي سفر لاءِ نڪتو ۽ آمريڪا دريافت ڪيائين، تاريخ ۾ ذڪر آهي ته آمريڪا ۽ هندستان جي دريافتن اولهه يورپ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي، صنعت و حرفت ۽ واپار جو مرڪز اٽليءَ کان بحرِ ائٽلانٽڪ جي ساحلي ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويو، بين الاقوامي واپار جي غرض سان وڏيون وڏيون ڪمپنيون وجود ۾ اچڻ لڳيون، سن 1600ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني وجود ۾آئي، هندستان ۽ چين ۾ هن ڪمپنيءَ کان سواءِ  ٻي ڪنهن به واپاري ڪمپنيءَ کي واپار جي اجازت نه هئي، اهڙيءَ ريت لنڪا ۽  جاوا ۾ وري  ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي  اُجاراداري هئي، عالمي سطح تي ڦرلٽ ۽ جبر وبربريت جو وحشي پڻو جيڪو سورهين صديءَ عيسوي کان شروع ٿئي ٿو ، ڏسندي ئي ڏسندي اڻويهين صديءَ ۾ پنهنجي پوري  اوج تائين پهچي وڃي ٿو.

سنڌ کي تاج برطانيا جي غلاميءَ ۾ ايڪيتاليهه سال ٿي ويا هئا، جو پهرين مئي 1886ع تي آمريڪا جي شهر شڪاگو جي  گهٽين ۾ مزدورن جو رَتُ وهايو ويو، پورهيتن جي شاندار تاريخي جدوجهد جو هيءُ ڏهاڙو پوري دنيا ۾ شڪاگو جي شهيدن جي ياد طور ملهايو ويندو آهي، مظلوم ماڻهن جي ناقابل شڪست هن معرڪي مان اڄ به دنيا جا مظلوم اتساهه وٺن ٿا، هي واقعو سادن لفظن ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن جيئڻ جو حق  گُهرڻ سان ملڻ نا ممڪن بڻجي پوي ته  پوءِ جياپي لاءِ جنگ ظالم قوتن خلاف وڙهڻ اولين فرض بڻجيو پوي، مئي ڊي جي مختصر ڪٿا ڪجهه هن طرح سان بيان ۾ اچي ٿي ته آمريڪي شهر شڪاگو اڀرندڙ صنعتي شهر جو درجو پئي رکيو،  فئڪٽرين ۾ آمريڪي مقامي پورهيتن کان علاوه جرمن ۽ بوهينيا جا پورهيت (عورتون، ٻار ۽ مرد) پڻ شامل هئا، ليبر يونين جي سڏ تي 8 ڪلاڪ ڏينهن ۾ ڪم، هفتيوار هڪ ڏينهن موڪل ۽ مسئلن جي  حل لاءِ يونين ٺاهڻ جو حق بحال ڪرائڻ لاءِ هڪ احتجاجي ريلي جو اهتمام ڪيو ويو، پهرين مئي تي هزارين پورهيت هٿن ۾ اڇي رنگ جا جهنڊا کڻي پر امن احتجاجي جلوس ڪڍي Haymarket  جي هڪ گهٽي جي منڍ تي جلسو منعقد ڪيو، جنهن کي پورهيت اڳواڻ خطاب ڪري رهيا هئا، ايتري ۾ پورهيتن جي جلسي کي پوليس ۽ مليشيا جي اهلڪارن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته اڳواٽ ئي سرمائيدارن طرفان طئي ڪيو ويو هو ته مزدورن جي احتجاجي تحريڪ کي پوليس ذريعي ڪچليو ويندو، ان پلاننگ تحت ”شڪاگو ڪمرشل ڪلب“ پاران (2000) جديد مشين گن ۽ ٻيا هٿيار خريد ڪري ” الينوئيس نيشنل گارڊز“ کي ڏنا هئا، شڪاگو ڪمرشل ڪلب سرمائيدارن جي يونين هئي، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته پورهيتن جي پر امن احتجاجي تحريڪ کي وحشياڻي تشدد جي ذريعي چٿڻ جون سرمائيدارن اڳواٽ ئي ڀرپور تياريون ڪري ڇڏيون هيون.

جڏهن آخري مقرر اسٽيج تي تقرير ڪري رهيو هو جنهن بعد اهو برساتي جلسو پڄاڻي تي پهچڻ وارو هو ته هڪ پوليس جٿو هزارين پورهيتن جي جلسي واري جڳهه اسڪوائر ۾ پريڊ ڪندي اچي پهتو ۽ جلسو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون، چند منٽن بعد جئين آخري مقرر پنهنجي تقرير پوري ڪري اسٽيج کان هيٺ لٿو ته هڪ طرف کان پوليس جٿي مٿان اچي ڪڙڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪارن مري ويو ۽ تقريبن 70 اهلڪار زخمي ٿيا، موٽ ۾ پوليس پورهيتن جي پر امن جلوس مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، وحشياڻي انڌا ڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ  پورهيت ٿڏي تي    ئي شهيد ٿي ويو ۽ سوين پورهيت زخمي ٿيا، Haymarket جي ان اسڪوائر جي روڊن تي بي هٿيار مظلوم پورهيت جو ايترو خون وهايو ويو، جو امن وارا اڇا جهنڊا پورهيتن جي وهايل رت ۾ رڱجي ڳاڙها ٿي ويا.ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين پورهيتن جا جهنڊا ڳاڙها ئي آهن، استحصالي ڦورو ٽولا اڄ به پيڙهيل  ۽ ڪمزور قومن، طبقن جو استحصال جاري رکيون پيان اچن، آجر کي پوري اُجرت نٿي ڏني وڃي، انڊر  ايج ٻارڙن کان جبري پورهيو ورتو ٿو وڃي، پورهيت ٻارڙن ۽ عورتن کان سستي ليبر طور ٿورڙي اجرت ۾ گهڻي محنت جبري طور ورتي وڃي ٿي، توڙي جو اهڙن غير انساني قدمن خلاف قانون  به جوڙيا ويا آهن، ليڪن انهن قانونن تي سرمائيدار استحصالي قوتون اڄ به عمل نٿيون ڪن، مئي ڏهاڙو  هينئر بين الاقوامي سطح تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن لکيو وڃي ٿو.

دنيا  جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هيءُ ڏهاڙو سرڪاري طور ملهايو وڃي ٿو، مئي 1886ع تي پيش آيل ھن واقعي جي پاداش ۾ 8 پورهيتن مٿان ڪينگرو ڪورٽ ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل ۽ فساد ڦهلائڻ وارن من گهڙت الزامن تحت ڪيس هلائي پورهيتن کي ڦاهيءَ جي سزا ڏني وئي، ايڪيهين صديءَ ۾ هن واقعي جي شهيد پورهيتن کي سرخ سلام ته اڄ به پوري دنيا جا مظلوم ڪن ٿا پر الائي ڇو سرخ انقلاب جو خواب ۽ انقلابي جدوجهد جو اهو رومانوي روح ڪَرُ موڙي انا الحق جو نعرو بلند ناهي ڪري سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.