عدالت ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ڪيس ۾ جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

رپورٽ موجب ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد افضل مجڪوها ثنا يوسف قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا ڏني ٿي وڃي، ان کانسواءِ جوابدار عمر حيات کي ٻين ڪيسن ۾ ڏنڊ وڌو ويو. عدالت مجموعي طور تي عمر حيات کي 30 سال قيد ۽ 24 لک ڏنڊ وڌو.

عمر حيات جي ٻين ٽن ڪيسن ۾ کيس 10،10 سال جي سزا ڏني وئي. ڌاڙي ۾ به 10 سال سزا ٻڌائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.