سکر(رپورٽ:آزاد مهر) گذريل رات جهانگهڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن چوھاڻ واسي پورھيت پنھنجي گھر وڃي رھيا ھئا ته نامعلوم ڦورن ڦر ڪئي ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن پورھيت شاھنواز ولد علي نواز چوھاڻ مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت سخت زخمي ٿي پيو کيس سول اسپتال آندو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته واقعي وراي هنڌ کان سڏ پنڌ تي پوليس چوڪي پڻ آھي پر پوليس فائرنگ جو آواز ٻڌڻ باوجود ڦورن جو پيڇو نه ڪيو، جنهن سبب ڦورو فرار ٿي ويا ۽ پوليس ھن وقت تائين ڪنھن به قسم جو ڪو قانوني قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آھي، اسان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر سميت تمام قانوني ادارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته پورھيت جي خون ۾ ملوث قاتل ڦورن کي قانون جي جڪڙ ۾ آڻي مقتول جي وارثن کي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.