راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو اسلام آباد تي قبضي وارو بيان صحيح آهي، مون کي پي اي سي بابت صلاح مشورو ڪرڻ ئي نه ٿي ڏني وڃي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پي اي سي چيئرمين جي نالي لاءِ مون کي مشاورت ئي ڪرڻ نٿي ڏني وڃي. هڪ صحافي سوال ڪيو ته اوهان جي پارٽي ۾ پي اي سي چيئرمين معاملي تي تڪرار هلي رهيو آهي، اوهان شير افضل مروت کي نامزد ڪيو آهي ڇا اهو ئي نالو فائنل آهي، پي ٽي آءِ باني جواب ۾ چيو ته پي اي سي چيئرمين شپ تي مشاورت کان پوءِ جواب ڏيندس. باني کان سوال ڪيو ويو ته ڇا شير افضل مروت جو نالو واپس ورتو ويو آهي، ڪهڙو نئون نالو تجويز ڪيو آهي، جنهن تي پي ٽي آٰءِ باني چيو ته پي اي سي چيئرمين لاءِ اڃان ڪوئي نالو فائنل ناڪيو ڪيو اڄ اڱاري تائين ڪري وٺنداسين