جماعت اسلامي پاران ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ خلاف اڄ کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) جماعت اسلامي پاران ملڪ ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ ۽ ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي، اها تحريڪ اڄ اگاري تي پنجاب کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا هاري به شرڪت ڪري سگهن ٿا.سپريم ڪورٽ ڪميشن ٺاهي جيڪا فارم 45 جي بنياد تي اليڪشن نتيجن جو اعلان ڪري. اها ڳالهه جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ خاص مهمان جي حيشيت ۾ صحافين کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ ۽ آمريڪا تي ڀاڙڻ وارن حڪمرانن کي عوام جي خواھش کي نظر ۾ رکندي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ کين عوام ڪنھن بھ صورت ۾ معاف نھ ڪندو. ھن چيو تھ ڊالر پٺيان ڊوڙندڙ اسٽبلشمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ آفيسر رٽائر ٿيڻ بعد آمريڪا ياترا ڪرڻ لاءِ ئي آمريڪا جي “ جي حضوري” ۾ پورا آھن، ھاڻي آمريڪا جي ھڪ ھٽي بدران دنيا ٻن حصن ۾ ورھائجي رھي آھي، اھڙي صورتحال مان پاڪستان کي بھ پنھنجا رستا تلاش ڪرڻ گھرجن. هن وڌيڪ چيو ته   ماضي ۾ 21 لک ٽن ڪڻڪ موجود هجڻ باوجود 30 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي هئي. انهن آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو وڃي، انهن آفيسرن اٽڪل ٽيهه بلين ڊالرن جي رقم هڙپ ڪئي اسان جو مطالبو آهي ته اهڙن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن چيو تھ اسان عدم اعتماد ڪنهن به وقت آڻي  سگهون ٿا، اسان حڪومت تي ٿيل قبضي کي قبول ئي نٿا ڪيون،ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد پڻ خطاب ڪيو. ڪي پي سي جو نائب صدر رشيد ميمڻ، گورننگ باڊي جا ميمبر نواب قريشي، شمس ڪيريو، نور محمد ڪلھوڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.