اسلام آباد( م ڊ ) مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران موبائل فون جي درآمد ۾ 248 سيڪڙو اضافو ٿيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران موبائيل فونز جي درآمدات ۾ 248 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 369 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو.شماريات واري وفاقي بيورو موبائل فونز جي درآمد جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان مارچ تائين 369 ارب رپين کان وڌيڪ جا موبائل فون درآمد ڪيا ويا، گذريل مالي سال جي ان ئي عرصي ۾ موبائل فون جي درآمد جو حجم 106 ارب رپيا هو جيڪو 248 سيڪڙو جو اضافو ڏيکاري ٿو.شماريات واري بيورو موجب مارچ 2024ع ۾ 42 ارب 65 ڪروڙ رپين جا موبائل فون درآمد ڪيا ويا، جڏهن ته فيبروري 2024ع ۾ 44 ارب 91 ڪروڙ رپين جا موبائل فون درآمد ڪيا ويا.