غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر  2023 کان اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 34 هزار 450  کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 77 هزار 575 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي قطر ۽ مصر طرفان غزه جنگ بندي جون ڪوششون جاري آهن. حماس جو وفد اڄ قاهره ۾ جنگ بندي تجويزن تي پنهنجو جواب ڏيندو. هوڏانهن امريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته رفح تي حملي کان اڳ اسرائيل امريڪي خدشا ٻڌندو. هن چيو ته امريڪا بنا منصوبابندي جي رفح آپريشن جي حمايت نٿو ڪري سگھي، جيستائين خدشا ختم نه ٿيندا اسرائيل آپريشن نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن وڌيڪ چيو ته امريڪي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي کان وچ اوڀر جو دورو ڪري رهيو آهي، انٽوني بلنڪن رفح آپريشن بابت اسرائيلي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غزه ۾ عارضي جنگ ندي انٽوني بلنڪن جي ٽاپ ايجنڊا آهن، هو گھٽ ۾ گھٽ 6 هفتن جي جنگ بندي چاهين ٿا.

  1. سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ ڪابينا جو اجلاس پهرين مئي تي اربع ڏينهن شام جو ساڍي 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ 23 نقاطي ايجنڊا تي فيصلا ڪيا ويندا.

  1. پاڪستان ڄائي اسڪاٽ لينڊ جي حمزا يوسف فرسٽ منسٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسڪاٽ لينڊ (م ڊ) پاڪستان ڄائي اسڪاٽ لينڊ جي حمزا يوسف اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي  ڇڏي آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ حمزه يوسف چيو ته هو نئين وڏي وزير جي چونڊ تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو، برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي اسڪاٽش گرين پارٽي سان گڏيل پاور ڊيل ختم ٿيڻ کانپوءِ حمزه يوسف تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ هو. حمزه يوسف هن هفتي گرين پارٽي کان علاوه اسڪاٽش ليبر پارٽي طرفان به عدم اعتماد جي تحريڪ کي منهن ڏئي رهيو هو. اسڪاٽش نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حمزه يوسف آزاديءَ جي حامي پارٽي البا پارٽي سان اتحاد جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسڪاٽش فرسٽ منسٽر حمزه يوسف جي ڀائٽي تي منشيات جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي.

  1. وزيراعظم جي بل گيٽس سان ملاقات،گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

رياض (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان ملاقات، ان موقعي تي ملي ڪم جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾  مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ان دوران بل گيٽس شهباز شريف کي پنجاب ۾ حفاظتي ٽڪن بابت پروگرام جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪن بابت  شروع ڪيل پروگرام پکيڙڻ جي پڻ تجويز ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.