نيب آرڊيننس، ايف آءِ اي، اليڪشن ۽ سول سرونٽس ايڪٽ سميت 13 ترميمن جي سفارش

اسلام آباد (م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ اهم شرط پورو ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي  وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽاسڪ فورس رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ اينٽي ڪرپشن جي فريم  ورڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ 13 سفارشون شامل آهن، جن ۾ نيب آرڊيننس، ايف آءِ اي، اليڪشن ايڪٽ ۽ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ ترميمن جون سفارشون شامل آهن. رپورٽ ۾ سرڪاري معاملن جي سخت نگراني لاءِ قانونن تي عمل ڪرڻ، 17 کان 22 گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي اثاثن جي سخت نگراني، سندن همسفرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ جا ضابطا لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ايف بي آر کي اثاثن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ  رولز 1973ع جاري ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيڻ جي ترميمن جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري وزيراعظم جي غير چونڊيل ساٿين، صلاحڪارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن کان ايئرپورٽس تي اميگريشن جون ذميواريون واپس وٺڻ ۽ ڪيسن جي قانوني حدن، دائري اختيار بابت مونجهارن کي ختم ڪرڻ شامل آهن. ضابطن ۾ ترميم جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن ٽاسڪ فورس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي، نيب، اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي قانوني حدن ۽ پابندين بابت تربيت ڏني وڃي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٽيڪنالوجي، صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عوام کي آگاهي ڏيڻ واري مهم هلائڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي. اهڙي طرح حڪومتي معاملن سان لاڳاپيل گورننس، آپريشنز رولز 2023 تي سختي سان عمل، سرڪاري معاملن ۾ پبلڪ فنانس مئنيجمنٽ ايڪٽ 2019 تي سختي سان عمل، وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ چيف انٽرنل آڊيٽرز جي مقرري کي يقيني بڻائڻ ۽ مقابلي واري عمل ذريعي پراسيڪيوشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماهر وڪيلن جون خدمتون وٺڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. ان کان علاوه خاص عدالتن ۾ عدالتي خدمتن لاءِ قانوني ماهرن جي مقرري، اينٽي مني لانڊرنگ لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي مضبوط ڪرڻ، جاچ لاءِ مرڪزي ڪوآرڊينيٽڊ ايڪشن پلان، فرانزڪ، انٽيليجنس شيئرنگ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.