ترڪ فوج جي ڪمانڊر جنرل لاءِ پاڪستان جو خاص اعزاز

اسلام آباد (م ڊ) ترڪ فوج جي ڪمانڊر جنرل سيلڪاڪ کي نشان امتياز ملٽري سان نوازيو ويو، ايوان صدر ۾ جنرل سيلڪوڪ کي  پاڪستان جي خصوصي اعزاز سان نوازڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي.  پاڪستان جي دوري تي آيل فوجي سربراهه صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته ترڪي هميشه بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان کي ترڪي سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.