اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۾ هارين جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو ته ڪڻڪ جي معاملي تي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، اسد قيصر پنجاب ۾ هارين جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو پي ٽي آءِ جي سمورن عهديدارن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چوي ٿو ته هارين جي احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪيو و ڃي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته بلاول ڀٽو پاڻ کي جمهوري سڏائي ٿو، اسان جو هڪ جلسو به برداشت نٿا ڪري سگهون، ڇا اسان هن ملڪ جا شهري ناهيون؟ تاريخ جي هي بدترين اليڪشن ٿي آهي، عوامي مينڊيٽ پائمال ڪيو ويو آهي.