نگران دور ۾ ڪڻڪ خريداري ۾ ڪرپشن ٿي: عون عباس

اسلام آباد ( جيوز نيوز )  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر عون عباس چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود هجڻ جي باوجود به نگران سرڪار يوڪرين مان 46 لک ٽن ڪڻڪ 3100 رپين جي حساب سان گهرائي 4600 رپيا في مڻ وڪرو ڪري ۽ اهڙي طرح 85 ارب رپين جو منافعو ڪمايو، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. عون عباس چيو ته جنهن ملڪ ۾ پوليس ۽ ججن کي به انصاف انصاف نه ملندو هجي اتي عام ماڻهو جي ڀلائي ۽ انصاف لاءِ ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. هن وڌيڪ اهو به چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪا به ڊيل وغيره نه ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.