لاهور ۾ هارين تي پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي گرفتار

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ڪسان بورڊ حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ خلاف هاري رستن تي نڪري آيا، هنن جي پي او چوڪ وٽ  احتجاج ڪيو، جنهن تي پوليس مٿن لٺبازي ڪري ڏني، اهلڪارن آبادگار اڳواڻ عمير مسعود سميت ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. ان کان اڳ ڪسان بورڊ پنجاب اسيمبلي ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو هو. صورتحال کي نظر ۾ رکندي مال روڊ ۽ شهر جي داخلي رستن تي پوليس اهلڪار ۽ گاڏيون مقرر ڪيون ويون. ڪسان بورڊ پنجاب ۽ ڪسان اتحاد جي اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب پوليس هارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڪسان بورڊ پنجاب جي صدر راشد منهالا کي گرفتار ڪري ورتو آهي. راشد منهالا جي گرفتاري خلاف آواز اٿاريندو، پنجاب حڪومت هارين سان ڏاڍائي تي لهي آئي آهي. هاري پنهنجي حق کان پوئتي نه هٽندا. ٻئي طرف جماعت اسلامي ڪسان بورڊ پنجاب جي صدر جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.