تنگواڻي ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، پيرسن مارجي ويو

تنگواڻي (رپورٽ: مهتاب حسين ملڪ) تنگواڻي ۾ موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربند گوليون هڻي پيرسن عطا محمد جعفري کي  قتل ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ سبب شھر ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، اهڙي واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ  پهچي پيرسن جو لاش کڻائي تنگواڻي  اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب ته واقعو جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون، ھوڏانھن مقتول جي ڀائيٽو عبدالحڪيم جعفري جي فرياد تي تنگواڻي پوليس ٿاڻي قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،  جنھن ۾ الفو جعفري، ريحان جعفري، اڪرم جعفري ۽ اخواني جعفري سميت 2 اڻسڃاتل ماڻهن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.