ڪڻڪ معاملي تي نگران حڪومت غلط فيصلا ڪيا: احسن اقبال

اسلام آباد (م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪڻڪ جي معاملي تي غلط فيصلن جو ذميوار نگران حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نگران حڪومت ڪڻڪ امپورٽ جي حوالي سان غلط فيصلا ڪيا آهن، جنهن سبب اڄ هاري پريشان آهن. هن چيو ته سڀني کي خبر هئي ته هن سال ڪڻڪ تمام گهڻي ٿيندي، ادارن وٽ ڊيٽا هئي پر هڪ ارب ڊالرن جي ڪڻڪ گهرائي وئي، جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئي، جنهن به اهڙو فيصلو ڪيو ان کي سزا ملڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پاسڪو جي خريداري جو هدف وڌائي ڇڏيو آهي، صوبن کي به هارين سان ڳالهائڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.