پني عاقل ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ٿيندڙ ناري دم ڏئي ڇڏيو

پنوعاقل ( رپورٽ:  رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ زخمي ٿيل ٻي ناري دم ڏيئي ڇڏيو ، ٻه ڏينهن اڳ رضا ڳوٺ جي  ڪچي ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ ڌي کي قتل ڪري ڀائيٽي کي زخمي ڪري ڇڏيو ھو ، زخمي ٿيل عورت شازيه سکر جي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏيئي ڇڏيو. پنوعاقل جي ڪچي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ ڌي کي قتل ڪرڻ بعد ڀائيٽي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو ، زخمي ٿيل عورت کي سکر منتقل ڪيو ويو ھو جتي ھن علاج دوران دم ڏيئي ڇڏيو ، جوابدار محمد بخش مھر ڪارنھن الزام ھيٺ ڌي سلمه کي قتل ڪري ڀائيٽي شازيه کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو زخمي ٿيل ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو ھو جنھن علاج دوران زخمن جا سور نه سھندي دم ڏيئي ڇڏيو آھي ، فوتي ناري جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو جتي گھر کڻائي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.