ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورنگي ابراهيم حيدري ڳوٺ ۾ پلاٽ تي قبضي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ڊي سي ڪورنگي جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ڊي سي ڪورنگي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي .عدالت چيو ته ٻنهي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟ وڪيل چيو ته عدالت ڪورنگي جي ابراهيم ڳوٺ ۾ پلاٽ بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي.ميمبر بورڊ آف روينيو کي پلاٽ جي ڊيمارڪيشن ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.درخواست مسمات عاصمه شڪيل پاران داخل ڪئي وئي هئي.