ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج شرح ستون ڀيرو به ساڳي رکي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ٻن مهينن لاءِ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. بيان موجب ڪميٽي نوٽ ڪيو ته معاشي استحڪام جا قدم افراط زر ۽ خارجي پوزيشن ۾ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ معتدل معاشي بحالي جاري آهي. بهرحال، ايم پي سي جو خيال هو ته مهانگائي جي سطح اڃا به بلند آهي. ان سان گڏ، عالمي اجناس جون قيمتون لچڪدار عالمي واڌ سان گڏ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن. تازو بين الاقوامي واقعن پڻ انهن جي منظرنامي بابت غير يقيني صورتحال ۾ اضافو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ معاشي ماهر خرم چيو ته وياج شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي اچڻ گهرجي پر مرڪزي بئنڪ سمجهي ٿي ته حڪومتي سطح تي مالياتي انتظام ڪمزور آهي. هن چيو ته ان کان علاوه ملڪ اندر توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن جهڙا مسئلا به موجود آهن، جنهن سان توانائي شعبي ۾ قيمتن ۾ واڌ جو خطرو آهي. هوڏانهن سخت مانيٽري پاليسي برقرار رکڻ جي خدشي سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي، هزار پوائنٽون گهٽجي ويون.