وڏي وزير بابل ڀيو جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ھٿيارن سان ڀريل ويگو گاڏي ۽ بابل ڀيو جي پٽ جي ملوث ھجڻ جي خبر کان پوءِ بابل ڀيو صلاحڪاري تان استعيفيٰ ڏني ھئي، سنڌ جي وڏي وزير الھڏنو عرف بابل ڀيو جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي  آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي جيڪب آباد پوليس مولاداد ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي هٿيارن جي اسمگلرن امتياز لاشاري، توفيق گجر، ذاڪر ڀيو، نبيل ڀيو خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ اي ايس آءِ امتياز ڀيو، اهلڪار ثناءُ الله، منگهارام ۽ بقا الله انڙ کي به نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ پوليس موبائل صوبائي صلاحڪار جي استعمال هيٺ هئي، خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد بابل ڀيو صلاحڪاري تان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ مطالبو ڪيو هو ته معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي رپورٽ عام ڪئي وڃي. ٻئي طرف هٿيارن اسمگلنگ واري معاملي تي ٺهندڙ جي آءِ ٽي پاران اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.