ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ اسان هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪيون، صحافين لاءِ پلاٽن جي لاءِ زمين فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، پريس ڪلب جي 700 رهيل ميمبرن لاءِ ڪوشش ڪندس ته کين پلاٽ ملن، صحافين جي ٻين مسئلن بابت به اٽل ارادو آهي ته ڪم ڪيون. ھن چيو تھ جڏهن ٻارن جي لاءِ ڇت ۽ کائڻ، پيئڻ جا مسئلا حل ٿيندا ته صحافي سولائيءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪري سگهندا. ھن چيو تھ ٽرانسپورٽ جا به ڪراچي ۾ مسئلا آهن 300 تائين بسون وڌائڻ جو ارادو آهي، بجلي جي چوري ٿئي ٿي، بجلي جا ادارا جيڪي اوور بلنگ ڪن ٿا انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي تھ ڪجهه بهتري ايندي، بجلي مهانگي آهي ان صورت ۾ بجلي جا اضافي بل اچن ته اهو ظلم آهي، ھن چيو تھ جيڪب آباد ۾ گاڏي مان جيڪي ھٿيار ۽ گوليون مليون آهن ان بابت جاچ جو انتظار ڪيون پيا جيڪڏهن ان ۾ڪوبھ پيپلزپارٽي جو ڪارڪن ملوث هوندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي